Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي ميمبر فريد الدين کي 10 ڏينهن کان پوءِ عدالت ۾ پيش ڪرڻ ايم ڪيو ايم جي خلاف جاري ظلم جي هڪ مثال آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي ميمبر فريد الدين کي 10 ڏينهن کان پوءِ عدالت ۾ پيش ڪرڻ ايم ڪيو ايم جي خلاف جاري ظلم جي هڪ مثال آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 6/4/2015 1
ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي ميمبر فريد الدين کي 10 ڏينهن کان پوءِ عدالت ۾ پيش ڪرڻ ايم ڪيو ايم جي خلاف جاري ظلم جي هڪ مثال آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 4 جون 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جي ميمبر فريد الدين کي رينجر جي طرفان 10 ڏينهن تائين لاپتا رکڻ کان پوءِ اڄ عدالت ۾ پيش ڪرڻ تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته فريد الدين کي غير قانوني طريقي سان حراست ۾ رکڻ ظلم جي هڪ مثال آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر فريد الدين کي 25 مئي تي عباسي شهيد اسپتال کان گهر ويندي حراست ۾ ورتو ۽ انهن کي گم ڪري ڇڏيو. انهن جي گهرن وارن ۽ ايم ڪيو ايم پوليس ۽ رينجر جي اعلٰي آفيسرن سان رابطو ڪيو پر انهن جي باري ۾ ڪجھ به نه ٻڌايو ويو. رابطا ڪميٽي چيو ته هن وقت به ايم ڪيو ايم جي ٻن سيڪٽر انچارجن نيو ڪراچي جي سيڪٽر انچارج علي رضا، گلشن اقبال جي سيڪٽر انچارج محمد شاهد ۽ سيڪٽر ڪميٽي جي ميمبر عبيد الله سميت ڪيترائي ڪارڪن لاپتا آهن. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف،وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي فريد الدين سميت ايم ڪيو ايم جي ٻين لاپتا ڪارڪنن کي فوري طور تي رها ڪرائين. رابطا ڪميٽي انساني حقن جي تنظيمن کان به مطالبو ڪيو ته اهي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي لاپتا ڪرڻ ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽس وٺن ۽ ان جي خلاف آواز بلند ڪن.

7/17/2024 11:13:06 AM