نديم نصرت کي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو قائم مقام ڪنوينر ۽ عامر خان کي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو آهي.ايم ڪيو ايم جو اعلاميو
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي
ڪراچي: 15 آڪٽوبر2015
متحده قومي موومينٽ جو هڪ اهم اجلاس نائن زيرو تي ٿيو. اجلاس ۾ رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جي ميمبرن، سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن ۽ شعبن جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تنظيمي صورتحال تي غور ڪيو ويو ۽ تنظيمي معاملن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ فيصلا به ڪيا ويا. انهن فيصلن جي مطابق سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت کي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو قائم مقام ڪنوينر ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبر عامر خان کي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي.