ايم ڪيو ايم فيڊرل بي ايريا سيڪٽر يونٽ 148 جي ڪارڪن ارشد حسين جي شهادت تي جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار.
لنڊن: 13 آڪٽوبر 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم فيڊرل بي ايريا سيڪٽر يونٽ 148 جي ڪارڪن ارشد حسين ولد لئيق حسين جي شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين شهيد جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين شهيد جي بيوه سميت سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي شهيد کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
*****