Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سياسي سرگرمين کي روڪڻ جي لاءِ ڪراچي ٽارگيٽڊ آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي چونڊي چونڊي گرفتار ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


سياسي سرگرمين کي روڪڻ جي لاءِ ڪراچي ٽارگيٽڊ آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي چونڊي چونڊي گرفتار ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 10/12/2015
سياسي سرگرمين کي روڪڻ جي لاءِ ڪراچي ٽارگيٽڊ آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي چونڊي چونڊي گرفتار ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 12 آڪٽوبر 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي سياسي سرگرمين کي روڪڻ جي لاءِ ڪراچي ٽارگيٽڊ آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي چونڊي چونڊي گرفتار ڪيو پيو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر، پوليس ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪار ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري رهيا آهن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي نه ملڻ تي انهن جي مٽن مائٽن کي گرفتار ڪري رهيا آهن .رابطا ڪميٽي چيو ته اهي قدمَ ايم ڪيو ايم کي سياسي سرگرمين کان پري ڪرڻ جي سازشن جو حصو آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 118 اي جي ڪميٽي ميمبر ۽ يوسي 26 اورنگي ٽائون جي چيئرمين شپ جي لاءِ نامزد حق پرست اميدوار ڪليم جي گهر تي ڇاپو هنيو ۽ ڪليم جي گهر تي نه هجڻ جي ڪري انهن جي وڏي ڀاءُ يوسف ۽ ٽن ڀائٽن ثناء، صفات ۽ ڪاشف کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪو ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته سرڪاري اهلڪار نامزد اميدوارن کي خوف زده ڪري ايم ڪيو ايم کي سياسي سرگرمين کان پري رکڻ چاهين ٿا. رابطا ڪميٽي چيو ته اهڙي طرح اورنگي ٽائون يونٽ 118 اي جي ڪارڪن آفتاب کي پوليس ڇاپو هڻي ڪري گرفتار ڪري ورتو آهي.جڏهن ته سرجاني ٽائون سيڪٽر يونٽ تيسر ٽائون جي ڪارڪن جهانزيب علي جعفري ۽ ايم ڪيو ايم شاھ فيصل ڪالوني سيڪٽر يونٽ 109 جي ڪارڪن نديم انصاري کي به رينجر ڇاپو هڻي ڪري گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ انهن تي سخت تشدد به ڪيو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته اهي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن جي گرفتارين ۽ انهن جي مٽن مائٽن جي گرفتارين جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ گرفتار ٿيلن کي فوري طور تي آزاد ڪرائين.
*****

7/17/2024 1:33:22 PM