Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

دهشت گردن جي فائرنگ سان ايم ڪيو ايم فيڊرل بي ايريا سيڪٽر جي ڪارڪن ارشد حسين جي وحشياڻي قتل تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


دهشت گردن جي فائرنگ سان ايم ڪيو ايم فيڊرل بي ايريا سيڪٽر جي ڪارڪن ارشد حسين جي وحشياڻي قتل تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 10/13/2015
دهشت گردن جي فائرنگ سان ايم ڪيو ايم فيڊرل بي ايريا سيڪٽر جي ڪارڪن ارشد حسين جي وحشياڻي قتل تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 13 آڪٽوبر 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي هٿياربند دهشت گردن جي فائرنگ سان ايم ڪيو ايم فيڊرل بي ايريا سيڪٽر يونٽ 148 جي ڪارڪن ارشد حسين جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ارشد حسين پنهنجي آفيس سِوڪ سينٽر کان گهر اچڻ جي لاءِ نڪتا ته پراڻي سبزي منڊي وٽ دهشت گردن انهن تي ڇتي فائرنگ ڪري ڏني ۽ اهي ٿڏي تي ئي شهيد ٿي ويا. رابطا ڪميٽي چيو ته پراڻي سبزي وٽ ڪيترائي ڀيرا ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ٻين ماڻهن کي دهشت گردن نشانو بڻايو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ٽارگيٽڊ آپريشن جي آڙ ۾ صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم کي ئي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ ان جو واضع ثبوت اهو آهي ته جڏهن کان ڪراچي آپريشن شروع ٿيو آهي ته دهشت گردن ايم ڪيو ايم جي 440 ڪارڪنن کي شهيد ڪيو آهي.قانون نافذ ڪرڻ وارن اهلڪارن جي حراست ۾ ايم ڪيو ايم جي 55 ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 225 ڪارڪن گرفتاري کان پوءِ هن مهل تائين لاپتا آهن ۽ سوين ڪارڪن جيلن ۾ قيد آهن ۽ هن وقت به روزانو ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته دهشت گرد کلي عام گهمندا پيا وتن پر انهن کي پڪڙڻ وارو ڪوئي به نه آهي. رابطا ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي کي اپيل ڪئي ته اهي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن ارشد حسين سميت ايم ڪيو ايم جي 440  ڪارڪنن جي قتلن، 55 ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن ۽ 225 ڪارڪنن کي لاپتا ڪرڻ جو نوٽس وٺن ۽ ايم ڪيو ايم جي سياسي، جمهوري ۽ انساني حقن جي لتاڙ کي روڪرائين.
*****

7/17/2024 1:35:03 PM