Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي نامزد مڪاني اميدوارن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ انهن جون گرفتاريون به ڪيون پيون وڃن. وسيم اختر.


ايم ڪيو ايم جي نامزد مڪاني اميدوارن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ انهن جون گرفتاريون به ڪيون پيون وڃن. وسيم اختر.
 Posted on: 10/13/2015
ايم ڪيو ايم جي نامزد مڪاني اميدوارن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ انهن جون گرفتاريون به ڪيون پيون وڃن. وسيم اختر.
3 ڊسمبر تي ٿيندڙ مڪاني اليڪشن کان اڳ ئي ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳائڻ جون ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن.
رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سان گڏجي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي: 13 آڪٽوبر 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي انچارج وسيم اختر چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي نامزد ڪيل مڪاني اميدوارن جي ۽ انهن جي گرنٽيئرن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ انهن جون گرفتاريون ڪيون پيون وڃن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي نامزد ڪيل مڪاني اميدوارن جي غير قانوني گرفتارين جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن کي خط لکي رهي آهي ته انهن جي گهرن تي ڇاپا هڻڻ ۽ انهن کي گرفتار ڪرڻ  غير قانوني ۽ اميدوارن کي خوفزده ڪرڻ جي برابر آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي پريس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر زرين مجيد، ڪمال ملڪ، شبير احمد قائم خاني ۽ ٻيا به موجود هئا. وسيم اختر حق پرست نامزد اميدوارن جي گهرن تي ڇاپن ۽ گرفتارين جون تفصيلات ٻڌائيندي چيو ته ڇا ڪراچي جي عوام کان انهن جو سياسي حق بندوق جي زور تي ڇڻڻ ملڪ جي ترقي جو سبب بڻجندو؟  انهن چيو ته 7 آڪٽوبر تي رينجر ايم ڪيو ايم يوسي 11 ضلع ڪورنگي جي وائس چيئرمين  جي لاءِ نامزد اميدوار نديم رائو ۽ 9 آڪٽوبر تي يوسي 7 جي لاءِ نامزد چيئرمين ارشد خان کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته انهي ڏينهن انهن کي پنهنجيڪاغذن جي اسڪروٽني لاءِ به پيش ٿيڻو هو. انهن چيو ته 9 آڪٽوبر تي يوسي 16 جي جنرل ڪائونسلر جي لاءِ نامزد حق پرست اميدوار طاهر امتياز، جڏهن ته يوسي 26 جي چيئرمين جي لاءِ نامزد اميدوار شيخ محمد ڪليم کي گهر تي موجود نه هجڻ جي ڪري انهن جي ڀاءُ ۽ ٽن ڀائٽن کي گرفتار ڪيو ويو. وسيم اختر چيو ته وزير اعظم ميان نواز شريف ڪراچي کي مذهبي انتها پسندن،دهشت گردن، ڏوهارين،ڀتي خورن، ٽارگيٽ ڪلرن ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي ڏوهارين کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ سيپٽمبر 2013 ۾ ايم ڪيو ايم سميت ڪراچي جي سمورين وڏين جماعتن جي مشوري سان رينجر جي نگراني ۾ ڪراچي ٽارگيٽڊ آپريشن جي منظوري ڏني هئي ۽ ان آپريشن جو ڪپتان وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کي بڻايو هو ۽ ان آپريشن کي شفاف ۽ غير جانبدار بڻائڻ جي لاءِ وزير اعظم هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي بڻائڻ جو به وعدو ڪيو هو جيڪو اڄ تائين پورو نه ٿي سگهيو آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم واحد سياسي جماعت آهي جنهن جي آفيسن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن سڀني کان وڌيڪ ڇاپا هنيا ۽ اسان جي هزارين ڪارڪنن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته 2013 کان وٺي ڪري هن مهل تائين اسان جي تقريبن 4000 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، 225 ڪارڪن هن مهل تائين گرفتاري کان پوءِ لاپتا آهن، 55 ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي ۽ 440 ڪارڪنن کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻائي ڪري شهيد ڪيو ويو آهي.پر افسوس جو اسان جي هڪ به ڪارڪن جي قاتل کي اڄ تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي لاپتا ٿيل ڪارڪنن کي بازياب ڪرايو ويو آهي. پر شهر ۾ ٿيندڙ ڪنهن به تخريب ڪاري يا دهشت گردي ۾ اسان جي ئي بي گناھ ڪارڪنن کي ملوث ڪري اسان جو ميڊيا ٽرائل ڪرڻ روز جو معمول بڻجي چڪو آهي. انهن چيو ته جنگ اخبار ۾ 6 ماڻهن جي حوالي سان اشتهار شايع ٿيا جنهن تي انڪوائري ٿي ۽ آفيسر به معطل ڪيا ويا پر افسوس جو ڪپتان صاحب اهي اشتهار جن ماڻهن جي حوالي سان شايع ٿيا آهن انهن جي باري ۾ ته ڪائي به ڪميٽي نه بڻائي آهي. انهن چيو ته اسان جي سياسي سرگرمين کي روڪيو پيو وڃي ۽ اسان جي ڪي ڪي ايف جي سرگرمين کي به روڪيو پيو وڃي ۽ ان کي به رياستي تعصب جو نشانو بڻايو پيو وڃي. جيڪو غريبن جي ڏينهن رات خدمت ۾ مصروف آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم تي غير اعلانيه پابندي هڻي ڪري اسان کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ گذريل ٽن ڏهاڪن کان ملندڙ اسان جي مينڊيٽ کي بندوق ۽ ڏنڍي جي زور تي انتها پسندن ۽ فساد جي سياست ڪرڻ وارن جي حوالي ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. انهن چيو ته ڪراچي جو هر محب وطن شهري وزير اعظم ميان نواز شريف، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کان اهو سوال ڪرڻ جو حق رکي ٿو ته ڇا جناب الطاف حسين جو ساٿ ڏيڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي پليٽ فارم تان سياست ڪرڻ ملڪ جي آئين ۽ قانون جي مطابق ڪوئي ڏوھ آهي؟ ۽ ڇا آئين ۽ قانون جي مطابق ڪراچي جي عوام کي پنهنجي مرضي سان سياست ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه آهي؟ ۽ جيڪڏهن اجازت آهي ته پوءِ ڪراچي ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان سياسي اميدوارن جي گهرن تي رات جي اونڌھ ۾ ڇاپن هڻڻ جو ڪهڙو جواز بڻجي ٿو. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جناب انور ظهير جمالي ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي اپيل ڪئي ته اهي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي سياسي سيٽ اپ کي سازشن سان ڌٻائڻ ۽ عوام جي پسند کي ڏاڍ جي زور تي تبديل ڪرڻ جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ شهر ۾ امن جي ڪوششن کي موثر بڻائين ۽ رياستي ادارن جي تقدس کي پامال ڪرڻ وارن چند عناصرن کي ان قسم جي ڪاروائين کان روڪين. 
*****

7/17/2024 1:33:14 PM