ايم ڪيو ايم جا آئيني ۽ قانوني ماهر گلگت بلتستان عدالت جي طرفان ڏنل فيصلي جي آئيني ۽ قانوني رخن جو جائزو وٺي رهيا آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 12 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي گلگت بلتستان جي دهشت گردي ٽوڙ عدالت جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي 81 سالن جي سزا ٻڌائڻ تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جا آئيني ۽ قانوني ماهر گلگت جي عدالت جي طرفان ڏنل ان فيصلي جي رخن جو جائزو وٺي رهيا آهن ۽ قانوني ماهرن جي سفارشن جي روشني ۾ان باري ۾ آئنده جو لائحه عمل طئي ڪيو ويندو.
*****