ايم ڪيو ايم جي وفد جو گلستان جوهر ۾ ڪکائن گهرن تي مٽي جي ڇپ ڪرڻ جي جڳھ جو دورو.
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ان واقعي ۾ ٿيندڙ هلاڪتن تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار به ڪيو.
ڪراچي: 13 آڪٽوبر 2015
ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر بلاڪ نمبر 1 ۾ ڪکائن گهرن تي مٽي جي ڇپ ڪرڻ جي افسوسناڪ واقعي جي رات جو اطلاع ملندي ئي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر سيد شاهد پاشا، رابطا ڪميٽي ميمبرن امين الحق، محمد حسين ۽ ٻين گلستان جوهر بلاڪ نمبر 1 ۾ واقع حادثي واري جڳھ جو هنگامي دورو ڪيو ۽ امدادي ڪمن جو جائزو به ورتو. رابطا ڪميٽي ان واقعي ۾ ٿيندڙ هلاڪتن تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته پوريل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ فوري تي قدم کنيا وڃن. رابطا ڪميٽي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ، وزير بلديات ناصر حسين شاھ ۽ ڪمشنر ڪراچي کان مطالبو ڪيو ته ڪنهن به هنگامي حالت کان نڀرڻ جي لاءِ صوبائي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ سيل کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي.
*****