Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ جي چار رڪني وفد سنڌ جي سابق وزير اعلٰي ارباب غلام رحيم سان ڪراچي ۾ انهن جي رهائشگاھ تي ملاقات ڪئي.


متحده قومي موومينٽ جي چار رڪني وفد سنڌ جي سابق وزير اعلٰي ارباب غلام رحيم سان ڪراچي ۾ انهن جي رهائشگاھ تي ملاقات ڪئي.
 Posted on: 10/13/2015
متحده قومي موومينٽ جي چار رڪني وفد سنڌ جي سابق وزير اعلٰي ارباب غلام رحيم سان ڪراچي ۾ انهن جي رهائشگاھ تي ملاقات ڪئي.
ڪراچي: 13 آڪٽوبر 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي چار رڪني وفد سنڌ جي سابق وزير اعلٰي ارباب غلام رحيم سان ڪراچي ۾ انهن جي رهائشگاھ تي ملاقات ڪئي. وفد ۾ مڪاني اليڪشن جي حوالي سان جوڙيل ڪميٽي جا ميمبر رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين، شبير احمد قائم خاني، سي اي سي انچارج وسيم اختر ۽ مستعفي ميمبر ڪنور نويد جميل شامل هئا. ملاقات ۾ مڪاني اليڪشن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ، عوامي مسئلن جي حل ۽ سنڌ جي عوام جي وچ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي.  ملاقات ۾ ٻنهي طرفان اختيارن کي هيٺين سطح تائين عوام ۾ منتقل ڪرڻ ۽ مڪاني اليڪشن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ  تي گڏيل طور تي اتفاق ڪيو ويو ۽ اهو طئي ڪيو ويو ته مڪاني اليڪشن ۾ سيٽ ايڊ جسٽمينٽ جا مرحلا ٻنهي طرفان جا مقامي ذميوار طئي ڪندا ۽ ان کي حتمي شڪل ڏيندا. انهن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا عوام مڪاني اليڪشن نه ٿيڻ جي ڪري بنيادي مسئلن جو شڪار آهن. انهن چيو ته مڪاني اليڪشن جي ٿيڻ سان عوام جون مشڪلاتون دور ٿينديون ۽ انهن جا مسئلا به هيٺين سطح تي حل ٿيندا.
*****

7/17/2024 1:39:45 PM