Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مظفر ڳڙھ ۾ پوليس اهلڪارن جي طرفان هڪ عورت جي لڄ لٽڻ جي واقعي تي ايم ڪيو ايم شعبه خواتين جي انچارج محترمه ڪشور زهرٰي جي طرفان مذمت جو اظهار.


مظفر ڳڙھ ۾ پوليس اهلڪارن جي طرفان هڪ عورت جي لڄ لٽڻ جي واقعي تي ايم ڪيو ايم شعبه خواتين جي انچارج محترمه ڪشور زهرٰي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 10/14/2015
مظفر ڳڙھ ۾ پوليس اهلڪارن جي طرفان هڪ عورت جي لڄ لٽڻ جي واقعي تي ايم ڪيو ايم شعبه خواتين جي انچارج محترمه ڪشور زهرٰي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 14 آڪٽوبر 2015 
             متحده قومي موومينٽ شعبه خواتين جي انچارج ۽ ميمبر قومي اسيمبلي محترمه ڪشور زهرٰي مظفر ڳڙھ ۾ پوليس اهلڪارن جي طرفان هڪ عورت جي لڄ لٽڻ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ انصاف نه ملڻ تي عورت جي طرفان پاڻ کي ٿاڻي جي ٻاهران باھ ڏيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته پنجاب ۾ عورتن جي لڄ لٽڻ جا واقعا ۽ انهن واقعن ۾ مظلوم عورتن کي انصاف نه ملڻ وڏو ظلم آهي. انهن چيو ته مظفر ڳڙھ ۾ پوليس اهلڪارن جي طرفان عورت جي لڄ لٽڻ جي واقعي کان پوءِ متاثره عورت جي طرفان پاڻ کي باھ ڏيڻ جو واقعو واضع ثبوت آهي ته پنجاب جون مظلوم عورتون بااثر ۽ طاقتور ماڻهن جي هوس جي ور چڙهي رهيون آهن ۽ عورتن جي حقن جي دعويدار پنجاب حڪومت به ان تي خاموش تماشائي بڻيل آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي پنجاب ميان شهباز شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي ان واقعي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن کي سخت ترين سزا ڏيارين ۽ پنجاب ۾ عورتن جي تحفظ واري قانون تي سختي سان عمل ڪرائين. 
*****


7/17/2024 1:19:08 PM