Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڊيره غازي خان ۾ مسلم ليگ ن جي ميمبر قومي اسيمبلي سردار امجد فاروق کوسي جي اليڪشن آفيس ۾ بم ڌماڪي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


ڊيره غازي خان ۾ مسلم ليگ ن جي ميمبر قومي اسيمبلي سردار امجد فاروق کوسي جي اليڪشن آفيس ۾ بم ڌماڪي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 10/14/2015
ڊيره غازي خان ۾ مسلم ليگ ن جي ميمبر قومي اسيمبلي سردار امجد فاروق کوسي جي اليڪشن آفيس ۾ بم ڌماڪي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 14 آڪٽوبر2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڊيره غازي خان ۾ مسلم ليگ ن جي ميمبر قومي اسيمبلي سردار امجد فاروق کوسي جي اليڪشن آفيس ۾ بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 7 ماڻهن جي هلاڪ ۽ ڪجھ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ دهشت گرد سرگرم آهن، ان کان اڳ به دهشت گرد پنجاب جي وزير داخلا شجاع خانزاده سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي بم ڌماڪن ۾ نشانو بڻائي چڪا آهن . رابطا ڪميٽي چيو ته مڪاني اليڪشن جي لاءِ منعقد ٿيندڙ ميٽنگ ۾ بم ڌماڪو ڪرڻ ان ڳالھ ڏانهن واضع اشارو آهي ته دهشت گردمڪاني اليڪشن ۾ وڏي دهشت گردي ڪرڻ جي سازش ڪرڻ چاهين ٿا. رابطا ڪميٽي بم ڌماڪي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي سوگوار پونئرن سميت مسلم ليگ ن جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي.رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي پنجاب ميان شهباز شريف کان مطالبو ڪيو ته سردار امجد فاروق کوسي جي اليڪشن آفيس ۾ بم ڌماڪي ۾ ملوث دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ مڪاني اليڪشن ۾ وڏي دهشت گردي جي سازشن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن. 
*****


7/17/2024 1:39:45 PM