ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ سي اي سي انچارج جو ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران بول ٽي وي جي متاثرن جي ڪيمپ جو دورو.
ڪراچي: 14 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن زرين مجيد، شبير احمد قائمخاني، ڪمال ملڪ ۽ سي اي سي انچارج وسيم اختر ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران بول ٽي وي چينل جي ڪيمپ جو دورو ڪيو ۽ متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار به ڪيو. ان موقعي تي بول ٽي وي چينل جي متاثرن ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي سيڪريٽري ايڇ خانزاده رابطا ڪميٽي کي ٻڌايو ته سڄي پاڪستان ۾ بول ٽي وي جي 2200 کان وڌيڪ ملازمن کي 5 مهينن کان پگهارون نه مليون آهن. جنهن جي ڪري انهن کي وڏي تڪليف کي منھ ڏيڻو پئجي رهيو آهي . رابطا ڪميٽي بول ٽي وي جي متاثرن جي شڪايتن کي غور سان ٻڌو ۽ انهن جي ازالي جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي طرفان ڀرپور ڪوششون ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي.
*****