Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پنجاب پوليس جي طرفان ڊاڪٽر طاهرالقادري جي رهائشگاھ ۽ منهاج القرآن سيڪريٽريٽ جو گهيراءُ ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


 Posted on: 8/7/2014 1

پنجاب پوليس جي طرفان ڊاڪٽر طاهرالقادري جي رهائشگاھ ۽ منهاج القرآن سيڪريٽريٽ جو گهيراءُ ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
لڳي ٿو ته حڪومت سانحه ماڊل ٽائون مان ڪوئي به سبق حاصل نه ڪيو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر طاقت جو فضول استعمال ڪيو پيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 7 آگسٽ 2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين لاهور ۾ پنجاب پوليس جي طرفان پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ ڊاڪٽر طاهر القادري جي رهائشگاھ ۽ منهاج القرآن سيڪريٽريٽ جو گهيراءُ ڪرڻ تي  وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته لڳي ٿو ته حڪومت سانحه ماڊل ٽائون مان ڪوئي به سبق حاصل نه ڪيو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر پوليس ۽ انتظاميه جو فضول استعمال ڪندي ڊاڪٽر طاهر القادري جي رهائشگاھ ۽ منهاج القرآن سيڪريٽريٽ جو گهيراءُ ڪيو پيو وڃي جيڪا ڳڻتي جي ڳالھ آهي.جناب الطاف حسين پنجاب جي مختلف شهرن ۾ به پاڪستان عوامي تحريڪ جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي چاپن ۽ انهن جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي فرمايو ته حڪومت کي گهرجي ته اها ضبط کان ڪم وٺي، معاملن کي افهام و تفهيم سان حل ڪري ۽ طاقت جي استعمال کان هر قيمت تي پاسو ڪيو وڃي ڇو ته طاقت جو استعمال صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي بجاءِ وڌيڪ خراب ڪري چڏيندو ۽ ملڪ ان کي برداشت ڪري نه ٿو سگهي.انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر طاهر القادري جي گهر ۽ منهاج القرآن سيڪريٽريٽ جو گهيراءُ ختم ڪيو وڃي، انهن جي ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ چاپن جو سلسلو فوري طور تي بند ڪيو وڃي.


5/16/2024 10:51:02 PM