Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پشاور ۾ سک واپاري جي قتل ۽ ٻن سک واپارين کي زخمي ڪرڻ جي واقعي تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار


 Posted on: 8/7/2014 1
پشاور ۾ سک واپاري جي قتل ۽ ٻن سک واپارين کي زخمي ڪرڻ جي واقعي تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
ان قسم جي افسوسناڪ واقعن سان عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک کي سخت نقصان پهچي رهيو آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 7 آگسٽ 2014
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پشاور ۾ هٿيار بند دهشت گردن جي فائرنگ سان سک واپاري جگموهن سنگھ جي قتل ۽ ٻن سک واپارين کي زخمي ڪرڻ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. انهن فرمايو ته ان قسم جي افسوسناڪ واقعن سان عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک کي سخت نقصان پهچي رهيو آهي. انهن فرمايو ته پاڪستان تي ٻين مذهبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جو به ايترو ئي حق آهي جيترو حق ان جي مسلمان رهاڪن جو آهي ۽ جيڪي ماڻهو ملڪ جي مذهبي اقليتن کي دهشت گردي جو نشانو بڻائي رهيا آهن اهي ڪنهن به طرح پاڪستان جا خير خواھ ٿي نه ٿا سگهن.جناب الطاف حسين فرمايو ته اها تمام صوبائي حڪومتن ۽ وفاق جي گڏيل ذميواري آهي ته اهي ملڪ ۾ وسندڙ مذهبي اقليتن جي جان و مال جو تحفظ ۽ انهن جي عقيدن جي مطابق انهن کي عبادت ڪرڻ جو حق فراهم ڪن.ملڪ جي تمام ماڻهن کي رنگ و نسل، مسلڪ، مذهب ۽ عقيدي جي تعصب کان بالاتر ٿي ڪري حق و انصاف فراهم ڪرڻ حڪومت جو انساني، اخلاقي ۽ آئيني فرض آهي.جناب الطاف حسين مقتول ۽ زخمي سک واپارين جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ذميوارَ ۽ ڪارڪنَ ان ڏک جي گهڙي ۾ اوهان سان گڏ آهن.


5/16/2024 10:29:25 PM