Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

لاهور ۾ پوليس ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي وچ ۾ ٽڪراءُ افسوسناڪ آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي. خدا جي واسطي تشدد جي بجاءِ امن ۽ افهام تفهيم جو رستو اختيار ڪيو وڃي. ٻنهي ڌرين کي اپيل.


 Posted on: 8/8/2014 1

لاهور ۾ پوليس ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي وچ ۾ ٽڪراءُ افسوسناڪ آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
خدا جي واسطي تشدد جي بجاءِ امن ۽ افهام تفهيم جو رستو اختيار ڪيو وڃي. ٻنهي ڌرين کي اپيل.
ڪراچي؛ 8 آگسٽ 2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لاهور ۾ پوليس ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي وچ ۾ ٽڪراءُ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ٻنهي ڌرين کي اپيل ڪئي آهي ته خدا جي واسطي تشدد جي بجاءِ امن ۽ افهام و تفهيم جو رستو اختيار ڪيو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته پنهنجي موقف جي لاءِ احتجاج ڪرڻ هر ماڻهو ۽ جماعت جو آئيني ، قانوني ۽ جمهوري حق آهي ۽ ان احتجاج کي رياستي طاقت سان ڌٻائڻ کي ڪنهن به طرح جمهوري قرار ڏيئي نه ٿو سگهجي.رابطا ڪميٽي چيو ته ٻن ڏينهن کان لاهور ۾ پوليس جي طرفان پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ ڊاڪٽر طاهر القادري جي رهائشگاھ ۽ منهاج القرآن جي سيڪريٽريٽ جو جهڙي طرح سان گهيراءُ ڪيو ويو آهي اهو غير مناسب آهي ۽ اسان مسلسل رابطو ڪندا رهيا آهيون ته ان محاصري جو خاتمو ڪيو وڃي پر افسوس ائين نه ڪيو ويو ۽ اڄ پوليس جي طرفان مظاهرين تي تشدد ڪيو ويو جنهن سان عوام جا جذبا ڀڙڪي اٿيا۽ عوام جي طرفان به جذباتي رڌعمل سامهون آيو آهي.ان پوري صورتحال جي ڪري ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا جيڪا انتهائي افسوسناڪ ڳالھ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته اسان حڪمرانن کي پهرين به چيو هو ۽ هاڻي وري به چئون ٿا ته خدا جي واسطي گولي ۽ رياستي طاقت جي ذريعي عوام جي احتجاج کي ڌٻائڻ ۽ عوام جي خلاف طاقت جي استعمال کان هر قيمت تي پاسو ڪيو وڃي ۽ معاملن جي حل جي لاءِ طاقت جي بجاءِ ضبط و تحمل ۽ افهام و تفهيم جو رستو اختيار ڪيو وڃي. رابطا ڪميٽي مظاهرين کي به اپيل ڪئي ته اهي به پنهنجي موقف جي لاءِ احتجاج ضرور ڪن پر خدا جي واسطي قانون کي هٿن ۾ نه کڻن، پنهنجن جذبن کي قابو ۾ رکن ۽ پوري ڪوشش ڪن ته انهن جو احتجاج پرامن رهي.

5/16/2024 6:54:41 PM