شيخ رشيد احمد ۽ رحمٰن ملڪ جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.
موجوده سياسي صورتحال ۽ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ميڙاڪن سميت ٻين اهم سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي.
لنڊن؛ 5 آگسٽ 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراھ شيخ رشيد احمد جي وچ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ ٻه ڀيرا ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي. ڳالھ ٻولھ جي دوران ٻنهي رهنمائن ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ اسلام آباد ۾ آئنده ڪجھ ڏينهن ۾ ٿيندڙ ميڙاڪن سميت ٻين اهم سياسي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي.
ان کان علاوه پيپلز پارٽي جي رهنما رحمٰن ملڪ به جناب الطاف حسين سان فون تي رابطو ڪيو ۽ انهن سان ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي .