Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پشاور ۾ هٿيار بندن جي فائرنگ سان سک واپاري جي هلاڪت جو واقعو قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


 Posted on: 8/6/2014 1
پشاور ۾ هٿيار بندن جي فائرنگ سان سک واپاري جي هلاڪت جو واقعو قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
گذريل پوئين ڏينهن ۾ به گجرانوالا ۾ احمدين جي گهرن تي حملو ڪري عورت ۽ ٻارن کي زنده ساڙيو ويو هو.
مذهبي اقليتن ۾ عدم تحفظ جو احساس وڌي رهيو آهي، اقليتن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 6 آگسٽ 2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پشاور ۾ هٿيار بندن جي فائرنگ سان هڪ سک واپاري جي هلاڪت جو واقعو مذمت جوڳو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل پوين ڏينهن ۾ به گجرانوالا ۾ احمدين جي گهرن تي حملو ڪري عورت ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي زنده ساڙيو ويو هو ۽ اڄ پشاور ۾ هٿيار بندن سک واپارين تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن سان هڪ واپاري هلاڪ ٿي ويو آهي. رابطا ڪميٽي ان واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته گذريل پوين ڏينهن ۾ به هڪ اهڙي ئي واقعي جي خلاف سک ڪميونٽي پارليامينٽ هائوس تي احتجاج ڪيو هو ۽ هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر اهو واقعو رونما ٿيو آهي، جنهن جي ڪري  سک ڪميونٽي ۾ سخت ڪاوڙ پاتي وڃي ٿي. رابطا ڪميٽي چيو ته ان قسم جا واقعا پاڪستان ۾ آباد مذهبي اقليتن ۾ عدم تحفظ جي احساس کي وڌائي رهيا آهن ان جي ڪري ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته اهڙي قسم جي واقعن کي روڪيو وڃي ۽ اقليتن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته سک واپارين جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. رابطا ڪميٽي مقتول واپاري  جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار به ڪيو.


5/16/2024 10:30:09 PM