Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم گلگت بلتستان ۽ ان جي عوام جي جائز حقن جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. سيد حيدر عباس رضوي.


 Posted on: 8/9/2014 1
ايم ڪيو ايم گلگت بلتستان ۽ ان جي عوام جي جائز حقن جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. سيد حيدر عباس رضوي.
گلگت بلتستان ۽ ان جي عوام جي حقن جي لاءِ جلد پارليامينٽ ۾ هڪ قرارداد به پيش ڪئي ويندي.
رابطا ڪميٽي ميمبر اسلم آفريدي سان گڏجي گلگت پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس.
گلگلت؛9 آگسٽ 2014
           ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر حيدر عباس رضوي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم گلگت بلتستان ۽ ان جي عوام جي جائز حقن جي حصول جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ پارليامينٽ ۾ قرارداد به پيش ڪئي ويندي.انهن چيو ته گلگت بلتستان جي عوام کي گذريل 66 سالن جي دوران انهن جي جائز حقن کان محروم رکيو ويو آهي.انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر اسلم آفريدي ۽ ٻين سان گڏجي گلگت پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.انهن چيو ته ايم ڪيو ايم قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي فڪر و فلسفي تي عمل پيرا ٿي ڪري جلد ئي گلگت بلتستان جي عوام جي مسئلن جي حل ۽ انهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ عملي قدمَ کڻندي.انهن چيو ته ان مقصد جي لاءِ ايم ڪيو ايم جلد ئي پارليامينٽ ۾ قرارداد پيش ڪندي،انهن چيو ته ايم ڪيو ايم امن پسند جمهوري جماعت آهي جنهن عوام جي خدمتن جو دائرو گلگت بلتستان تائين ڦيلائي چڏيو آهي ۽ اها ئي وجه آهي ته ايم ڪيو ايم پهرين ئي ڏينهن کان گلگت بلستان جي عوام جي حقن جي لاءِ آواز بلند ڪئي آهي.انهن مطالبو ڪيو ته گلگت بلتستان ۾ عوام کي سفر جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي روڊن جو ڄار وڇايو وڃي ، ديامر ڊيم جي متاثرن کي معاوضن جي ادائگي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ بونجي ڊيم جي حوالي سان حراموش جي تحفظن کي صوبائي حڪومت فوري طور تي دور ڪري.

5/16/2024 10:51:17 PM