Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

علامه طاهر القادري جي خلاف مقدمو درج ڪرڻ جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي. نديم نصرت


 Posted on: 8/6/2014 1
علامه طاهر القادري جي خلاف مقدمو درج ڪرڻ جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي. نديم نصرت.
پنجاب حڪومت جا غيردانشمنداڻه فيصلا پرامن عوام کي مشتعل ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا.
لنڊن؛ 6 آگسٽ 2014
         متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت پنجاب حڪومت جي طرفان پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ ڊاڪٽر علامه طاهر القادري جي خلاف مقدمو درج ڪرڻ تي سخت مذمت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پنجاب حڪومت جا غيردانشمنداڻه فيصلا پرامن عوام کي مشتعل ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته ملڪ جي نازڪ ترين صورتحال جو تقاضا آهي ته سياسي معاملا ڳالھ ٻولھ ۽ افهام و تفهيم جي ذريعي حل ڪيا وڃن ۽ سياسي معاملن کي رياستي طاقت سان حل ڪرڻ جي پاليسي کان هر ممڪن گريز ڪيو وڃي. حڪومت جي طرفان پاڪستان عوامي تحريڪ جي يوم شهداء جي ميڙ کي لتاڙڻ جي لاءِ رياستي هٿڪنڊا استعمال ڪرڻ ڪنهن به طرح ملڪ و قوم جي مفاد ۾ نه آهن ۽ اهو عمل بنيادي انساني حقن جي به سنگين خلاف ورزي آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. نديم نصرت وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي علامه طاهر القادري جي خلاف مقدمو درج ڪرڻ جو فوري طور تي نوٽس وٺندي مقدمو فوري طور تي واپس ورتو وڃي، ملڪ و قوم ۽ جمهوريت جي مفاد ۾ دانشمندي جو مظاهرو ڪيو وڃي.


5/16/2024 7:28:49 PM