ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي اربع جي شام ايم ڪيو ايم جي تمام پارليماني گروپ جو هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو.
اجلاس کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ٽيليفونڪ خطاب فرمائيندا.
ڪراچي؛ 5 آگسٽ 2014
متحده قومي موومينٽ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال کي سامهون رکندي ايم ڪيو ايم جي تمام پارليماني گروپن جو هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. اجلاس کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ٽيليفونڪ خطاب فرمائيندا. اهو اجلاس 6 آگسٽ بروز اربع تي شام جو 4 وڳي نائن زيرو تي خورشيد بيگم ميموريل سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيندو.ان سلسلي ۾ تمام حق پرست سينيٽرن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي فوري طور تي اسلام آباد کان ڪراچي طلب ڪيو ويو آهي.اجلاس ۾ سينيٽرن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن کان علاوه سنڌ اسيمبلي جا حق پرست ميمبر ۽ سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جا ميمبر به شرڪت ڪندا.