Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

معروف ماهر تعليم ميڊم انيتا غلام علي جي وفات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار


 Posted on: 8/8/2014 1

معروف ماهر تعليم ميڊم انيتا غلام علي جي وفات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار.
مرحومه پنهنجي ذات ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکندي هئي ۽ انهن جي وفات سان ملڪ هڪ اعلٰي يونيورسٽي کان محروم ٿي ويو آهي.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 8 آگسٽ 2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين معروف ماهر تعليم ميڊم انيتا غلام علي جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ميڊم انيتا غلام علي هڪ شفيق استاد،انسان دوست ۽ هر هڪ جي ڏک سور ۾ ڪم اچڻ واري شخصيت هئي. تعليم جي فروغ ، شاگردن جي حقن، انساني حقن جي جدوجهد ۽ جمهوريت جي استحڪام جي لاءِ مرحومه جي خدمتن کي فراموش ڪري نه ٿو سگهجي.انهن فرمايو ته مرحومه پنهنجي ذات ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکندي هئي، انهن جي وفات سان ملڪ هڪ انتهائي اعلٰي يونيورسٽي کان محروم ٿي ويو آهي ۽ انهن جي وفات سان تعليم جي شعبي ۾ پيدا ٿيندڙ خلا کي پُر ڪرڻ ۾ شايد سالَ لڳي وڃن. انهن مرحومه جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحومه کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.


5/16/2024 10:30:08 PM