Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ۽ وفاقي وزير خزانه اسحاق ڊار جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو


 Posted on: 8/8/2014 1
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ۽ وفاقي وزير خزانه اسحاق ڊار جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو.
ٻنهي رهنمائن جي وچ ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي.
اسحٰق ڊار ايم ڪيو ايم کي 9 آگسٽ بروز ڇنڇر تي ٿيندڙ قومي سلامتي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني.
لنڊن؛ 8 آگسٽ 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ۽ وفاقي وزير خزانه محمد اسحٰق ڊار جي وچ ۾ جمعي جي صبح جو ٽيليفون تي رابطو ٿيو،جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي.وفاقي وزير خزانه ايم ڪيو ايم کي ڇنڇر تي ٿيندڙ قومي سلامتي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني.انهن گذريل ڏينهن وزير اعظم هائوس ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد جي آمد ۽ اصولي موقف تي جناب الطاف حسين جو شڪريو به ادا ڪيو.اسحٰق ڊار جمهوريت جي فروغ، پارليامينٽ جي استحڪام ۽ آئين جي بالادستي جي لاءِ جناب الطاف حسين ۽ متحده قومي موومينٽ جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي بالادستي جي لاءِ ايم ڪيو ايم جو ڪردار قابل تعريف آهي.انهن چيو ته وزير اعظم جي هدايت تي وفاقي حڪومت تمام سياسي ۽ قومي معاملن کي سياسي انداز ۾ ڳالھ ٻولھ جي ذريعي حل ڪرڻ جي خواهشمند آهي ۽ 9 آگسٽ بروز ڇنڇر جي صبح قومي سلامتي ڪانفرنس جو انعقاد به انهي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.جناب الطاف حسين قومي سلامتي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ تي اسحٰق ڊار جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال جو تقاضا آهي ته سياسي معاملن کي رياستي طاقت جي بجاءِ ڳالھ ٻولھ ۽ افهام و تفهيم سان حل ڪيو وڃي ۽ سياسي مخالفت ۾ تلخيون ايتريون نه وڌايون وڃن جو واپسي جي گنجائش ئي نه رهي.


5/16/2024 11:10:47 PM