Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مسئلن کي افهام و تفهيم سان حل ڪيو وڃي، طاقت ۽ ڌمڪي وارو رويو اختيار نه ڪيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


 Posted on: 8/6/2014 1
مسئلن کي افهام و تفهيم سان حل ڪيو وڃي، طاقت ۽ ڌمڪي وارو رويو اختيار نه ڪيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
تشدد ۽ ڪنهن به قسم جي خون خرابي کان سواءِ ۽ پرامن طريقي سان مسئلا ٿي وڃن ته تمام سٺو هوندو.
ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ انهن جي ساٿين کي گرفتار نه ڪيو وڃي ۽ انهن کي سياسي انتقام جو نشانو نه بڻايو وڃي.
ايم ڪيو ايم جي حڪومت آئي ته نوان انتظامي يونٽَ قائم ڪرڻ جي لاءِ قانون سازي ڪئي ويندي ۽ مڪاني نظام کي لازمي قرار ڏنو ويندو.
رابطا ڪميٽي، سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن، سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل ۽ شعبن جي ميمبرن جي اجلاس کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 6 آگسٽ 2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حڪومت کي چيو آهي ته هن وقت ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ سياسي هلچل کان دوچار آهي،ان جي ڪري مسئلن کي افهام و تفهيم سان حل ڪيو وڃي ۽ طاقت ۽ ڌمڪي جو رويو اختيار نه ڪيو وڃي، ڌمڪي ۽ طاقت جو استعمال ملڪ کي نقصان پهچائيندو.ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي حڪومت آئي ته ايم ڪيو ايم نوان انتظامي يونٽَ قائم ڪرڻ جي لاءِ قانون سازي ڪندي ۽ مڪاني نظام کي لازمي قرار ڏيندي.انهن خيالن جو اظهار انهن اڄ نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي، حق پرست سينيٽرن،قومي ۽ صوبائي اسيمبلين  جي ميمبرن ، سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل ۽ شعبن جي ميمبرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي فرمايو، اجلاس کي خطاب ڪندي جناب الطاف حسين پنجاب حڪومت جي طرفان پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ ڊاڪٽر طاهر القادري جي خلاف مقدمو قائم ڪرڻ ۽ انهن جي گرفتاري جي اطلاعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي حڪومت کي چيو ته ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ انهن جي ساٿين کي گرفتار نه ڪيو وڃي ۽ انهن کي سياسي انتقام جو نشانو به نه بڻايو وڃي.انهن (مذاق ڪندي) فرمايو ته حڪومت کي گهرجي ته اها وڌ کان وڌ  ٿڌو پاڻي پيئي،ڏهي جو استعمال ڪري ۽ ٿڌي رهي، تشدد ۽ ڪنهن به قسم جي خون خرابي کان سواءِ پرامن طريقي سان مسئلا حل ٿي وڃن ته تمام سٺو ٿيندو.انهن فرمايو ته پنهنجن مطالبن جي حق ۾ احتجاج ڪرڻ هر هڪ جو حق آهي پر احتجاج ڪرڻ وارن کي به آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي احتجاج ڪرڻ گهرجي.انهن فرمايو ته اڄ  حڪمرانن جي طرفان چيو پيو وڃي ته موجوده حالتن ۾ مارچ ۽ ڌرڻڻ جي سياست جي ڪهڙي گهرج آهي پر اهي حڪمران جڏهن اپوزيشن ۾ هئا ته لانگ مارچ ۽ احتجاجي ڌرڻن کي پنهنجو جمهوري حق سمجهندا هئا ۽ پاڻ کي مظلوم ظاهر ڪري چوندا هئا ته اسٽيبلشمينٽ اسان جي خلاف آهي پر اسٽيبلشمينٽ جي هڪ وڏي شخصيت جي هڪ ٽيليفون تي پنهنجو لانگ مارچ ختم ڪري ابائوٽ ٽرن ٿي ويندا هئا.انهن فرمايو ته اها انساني فطرت آهي ته وقت گذرڻ سان گڏو گڏ انسان ماضي ۾ پيش ايندڙ واقعن کي فراموش ڪري چڏي ٿو. انهن اجلاس جي شرڪاء کان دريافت ڪيو ته اوهان مان ڪيترا ماڻهو آهن جن پنهنجي شاگردي واري زماني ۾ اهو سوچيو هوندو ته اهي اسيمبلي ميمبر بڻجندا.جنهن تي شرڪاء چيو ته ڪنهن به نه.جناب الطاف حسين فرمايو ته محب وطن پاڪستاني تعليم يافته ۽ باصلاحيت هجڻ جي باوجود اوهان جي ذهن ۾ اهو خيال ان جي ڪري نه آيو هو ته ڇو ته اوهان جنهن معاشري ۾ رهو ٿا اتي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ ۽ ايوان جو ميمبر بڻجڻ صرف جاگيردارن، وڏيرن ۽ انهن جي اولادن جو حق سمجهيو ويندو هو.انهن وڏيرن ۽ جاگيردارن تي پاڪستان جي آئين ۽ قانون جو ڪوئي به اطلاق نه ٿو ٿئي.اهو امير طبقو جيڪڏهن ڪنهن ڏوھ جو مرتڪب ٿي به وڃي ٿو ته اهو ڏيئي وٺي ڪري معاملو ٺيڪ ڪري وٺي ٿو ۽ جيڪڏهن انهن کي ڪڏهن اتفاقن جيل به وڃڻو پوي ته اتي به انهن جا شاهاڻه ٺٺ هوندا آهن. انهن فرمايو ته مان 35 سالن کان هڪ بهترين جمهوري نظام ۽ انصاف تي ٻڌل نظام جي لاءِ ۽ هر قسم جي ٻٺي نظام جي خاتمي جو پيغام کڻي ڪري پاڪستان جي گهٽي گهٽي ۾ جدوجهد ڪري رهيو آهيان. الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي اميج کي خراب ڪرڻ جي لاءِ ان جي خلاف ڪوڙا پروفيگندا ڪيا ويا، انهن فرمايو ته ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ ايم ڪيو ايم تي ڪوڙا لزام عائد ڪري ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي رهي آهي پر ڪنهن به ٽي وي چينل نه ته اهو منظر ڏٺو ۽ نه اهو سين ڏٺو هوندو جنهن ۾ ڪنهن مهاجر بٽ کي ڏنڊا کڻي، پوليس جي قيادت ڪندي ۽ گاڏين جي ٽوڙ ڦوڙ ڪندي ڏيکاريو ويو هجي.انهن فرمايو ته مان جڏهن به قومي مفاد ۾ ڪائي ڳالھ ڪئي ته اسان جي مخالفن ان کي غلط رنگ ڏنو. جڏهن مان چيو ته ڪراچي ۾ طالبانائيزيشن ٿي رهي آهي ته چيو ويو ته طالبانائزيشن نه بلڪه اسلامائيزيشن ٿي رهي آهي، طالبان کي پختون علائقن ۾ آباد ڪري انهن جون همدرديون وٺڻ واري هڪ جماعت جي رهنمائن چيو ته ڪائي به طالبانائيزيشن نه ٿي رهي آهي پر الطاف حسين پٽاڻن جي خلاف سازش ڪري رهيو آهي پر پوءِ پوري دنيا ڏسي ورتو ته جنهن جماعت طالبان کي پنهنجن علائقن ۾ پناھ ڏني انهي جماعت جا ماڻهو سڀني کان پهرين طالبان دهشت گردن جو نشانو بڻيا.انهن فرمايو  ته ايم ڪيو ايم جو پيغام تيزي سان ڦيلجي رهيو آهي ۽ اڄ ڪراچي ۾ وسندڙ پنجابين، پختونن ، بلوچن، سنڌين، سرائيڪن، هزاري وال ، ڪشميرين ، گلگتين ۽ بلتستانين ايم ڪيو ايم جي جهنڊي کي جهلي ورتو آهي.انهن فرمايو ته اسان جي هزارين ساٿين ان مشن و مقصد جي لاءِ پنهنجين جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن اسان کي يقين آهي ته هڪ وقت اسان جو به ايندو ۽ ايم ڪيو ايم جي حڪومت قائم ٿيندي.انهن فرمايو ته جڏهن ايم ڪيو ايم جي حڪومت قائم ٿي ته ايم ڪيو ايم نوان انتظامي يونٽَ قائم ڪرڻ جي لاءِ قانون سازي ڪندي ۽ مڪاني ادارن جي اليڪشنن کي لازمي قرار ڏيندي.انهن فرمايو ته لوڪل گورنمينٽ جمهوريت جي بنياد آهي ان جي ڪري مڪاني نظام کان سواءِ سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبليون ڪائي به حيثيت نه ٿيون رکن.انهن فرمايو ته اسان جي وڪلا برادري سان ڪابه لڙائي نه هئي، وڪلا تنظيمن جي ڪجھ ميمبرن ڪن ڪجھ قوتن جي اشاري تي وڪيلن ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ غلط فهميون پيدا ڪيون ۽ وڪيلن کي ايم ڪيو ايم جي خلاف ڀڙڪايو. انهن فرمايو ته عوام کي گمراھ ڪرڻ جي لاءِ وڏا وڏا دعوٰي ڪيا ويا ملڪ ۾ انصاف جو نظام قائم ٿيندو ۽عدالتون آزاد هونديون، جا نعرا لڳايا ويا. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي حڪومت آئي ته نه صرف ملڪ جي دولت لٽڻ وارن جو احتساب ٿيندو بلڪه انصاف جي ڪرسي جو غلط استعمال ڪرڻ وارن جو به احتساب ٿيندو.انهن فرمايو ته مان پي پي او جهڙي قانون جي سخت خلاف هيس ۽ خلاف آهيان. انهن پارليامينٽ جي حق پرست ميمبرن کي چيو ته اهي پاڪستان پروٽيڪشن ايڪٽ ۾ ڪاري قانونن کي ڪڍرائن ۽ ان ۾ ضروري ترميمون ڪرائين.انهن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ شيعه سني اتحاد جي لاءِ 35 سال محنت ڪئي آهي جنهن جي ڪري هٿان فرقي وارانه فسادن جو خاتمو ٿيو پر اڄ ڪجھ شر پسند عناصر عوام کي شيعه سني جي بنياد تي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي لاءِ شيعه سني ٽارگيٽ ڪلنگ ڪرائي رهيا آهن. انهن رابطا ڪميٽي ۽ چونڊيل نمائندن تي زور ڏنو ته اهي فرقي وارانه ٽارگيٽ ڪلنگ کي روڪرائڻ جي لاءِ علاقائي سطح تي ڪميٽيون ٺاهن ۽ عوام کي چون ته جيڪڏهن اهي مون سان محبت ڪن ٿا ته پاڻ ۾ اتحاد کي قائم رکن.انهن چونڊيل نمائندن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته ملڪ ۾ فرسوده جاگيرداراڻه نظام ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو اهو سوچي به نه ٿا سگهن ته اهي سينيٽر ، ايم اين اي يا ايم پي اي بڻجي سگهن ٿا. ان جي ڪري انهن کي عاجزي اختيار ڪندي الله تعالٰي جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ۽ تحريڪ جي شهيدن ۽ اسير ساٿين جي قربانين کي نه وسارڻ گهرجي.انهن چونڊيل نمائندن کي باقائدگي سان هدايت ڪئي ته اهي شهداء فنڊ باقائدگي سان ڏين.انهن رابطا ڪميٽي کي هدايت فرمائي ته اها هڪ هفتي جي اندر اندر انهن کي لسٽ فراهم ڪري ته ڪنهن ڪنهن ميمبر شهداء فنڊ ڏنو آهي.انهن چونڊيل نمائندن کي تلقين ڪئي ته اهي پنهنجا فرض ايمانداري سان نڀائين. پنهنجن پنهنجن علائقن جي آفيسن ۾ ويهن ۽ عوام سان رابطي ۾رهن.حق پرست پارليامينٽ ميمبر اسيمبلي جي هر اجلاس کان اڳ پنهنجي پنهنجي پارليماني پارٽي جو اجلاس ڪوٽائين ۽ پاڻ ۾ صلاح مشوري سان طئي ڪن ته ڪهڙي معاملي تي ڪهڙي موشن پيش ڪرڻي آهي.عوام جي مسئلن جو ذڪر ڪندي انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جا چونڊيل نمائندا پاڻي، بجلي ۽ گيس جهڙن مسئلن کي حل نه ٿا ڪرائي سگهن ته انهن کي ايوانن ۾ باقائدگي سان اٿارين ۽ انهن کي حل ڪرائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪن. ٽينڪر مافيا ۽ هائيڊرنٽ مافيا جي خلاف قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۽ سينيٽ ۾ قانون سازي ڪرائين.جناب الطاف حسين حڪومت ۽ پيمرا جي اعلٰي آفيسرن کي چيو ته اهي وڏي پڻ جو مظاهرو ڪندي تمام ٽي وي چينلن جي نشريات بحال ڪن.


5/16/2024 10:51:16 PM