Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو پاڪستان عوامي تحريڪ جي ناظم اعلٰي ڊاڪٽر رحيق عباسي سان فون تي رابطو


 Posted on: 8/7/2014 1
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو پاڪستان عوامي تحريڪ جي ناظم اعلٰي ڊاڪٽر رحيق عباسي سان فون تي رابطو.
گهيراءُ ڪرڻ، چاپن، گرفتارين ۽ رياستي طاقت جو استعمال ڪڏهن به ملڪ کي مسئلن مان ڪڍي نه ٿو سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اوهان جي همدردي جي اظهار سان اسان جا حوصلا تمام گهڻا بلند ٿي ويا آهن ۽ اسان سڀ باهمت ٿي ويا آهيون.ڊاڪٽر رحيق عباسي جي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 7 آگسٽ 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنجاب پوليس جي طرفان پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ طاهر القادري جي رهائشگاھ ۽ تحريڪ منهاج القرآن سيڪريٽريٽ جو گهيراءُ ڪرڻ جي اطلاع ملندي ئي پاڪستان عوامي تحريڪ جي ناظم اعلٰي ڊاڪٽر رحيق عباسي سان فون تي رابطو ڪيو ۽ انهن کي گهيراءُ ڪرڻ تي پنهنجي ڳڻتي کان آگاھ ڪيو.جناب الطاف حسين انهن اطلاعن تي به وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ڊاڪٽر طاهر القادري جي گهر کي چئني طرفن کان گهيري ورتو ويو آهي، اتي موجود ماڻهن کي ايستائين جو صحافي برادري جي ماڻهن جي اچ وڃ ۾ به مشڪلاتون بيهاريون پيون وڃن ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ به مختلف جڳھن تي پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جون گرفتاريون ڪيون پيون وڃن. انهن فرمايو ته محاصرن، چاپن ، گرفتارين ۽ رياستي طاقت جو استعمال ڪڏهن به ڪنهن ملڪ جي مسئلن کي حل ڪري نه ٿو سگهي.انهن فرمايو ته مان پهرين به حڪومت کي چوندو رهيو آهيان ۽ هاڻي به چوان ٿو ته خدا جي واسطي،لٺين، گولين ۽ رياستي طاقت جي استعمال کان هر قيمت تي پاسو ڪيو وڃي، پرامن ۽ قانوني طريقي سان احتجاج ڪرڻ اپوزيشن جو حق آهي ۽ احتجاج کي ڌٻائڻ جي لاءِ غيرقانوني طريقا اختيار نه ڪيا وڃن، اهڙي طرح احتجاج ڪرڻ وارن کي به قانون جي دائري ۾ رهندي پرامن طريقي سان احتجاج ڪرڻ گهرجي.جناب الطاف حسين رحيق عباسي کي چيو ته اوهان ڊاڪٽر طاهر القادري کي منهنجو سلام پهچايو، منهنجون دعائون انهن سان گڏ آهن. ڊاڪٽر رحيق عباسي فون ڪرڻ ۽ همدردي جو اظهار ڪرڻ تي جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ان موقعي تي اوهان جي فون ڪرڻ سان اسان جا حوصلا وڌيڪ بلند ٿي ويا آهن ۽ اسان سڀ باهمت ٿي ويا آهيون.جناب الطاف حسين ان نازڪ وقت ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي جرت ۽ حوصلي کي به ساراهيو ۽ ڊاڪٽر رحيق عباسي کي چيو ته اهي ڪارڪنن کي به منهنجو سلام پهچائين.


5/17/2024 12:02:58 AM