Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان عوامي تحريڪ جي قافلي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ عورت ڪارڪن جي هلاڪ ٿيڻ ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.


 Posted on: 8/9/2014 1
پاڪستان عوامي تحريڪ جي قافلي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ عورت ڪارڪن جي هلاڪ ٿيڻ ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
پاڪستان عوامي تحريڪ جي پرامن قافلن تي پوليس جو تشدد ۽ فائرنگ ڪرڻ سمجھ کان بالاتر آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين .
لنڊن؛ 9 آگسٽ 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين لاهور جي علائقي ساڌوڪي ۾ پوليس جي طرفان پاڪستان عوامي تحريڪ جي قافلي تي فائرنگ ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ عورت ڪارڪن جي هلاڪ ٿيڻ ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين پوليس جي طرفان عورتن کي وارن کان گهلي بي پناھ تشدد جو نشانو بڻائڻ جي واقعي تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فرمايو ته پاڪستان عوامي تحريڪ جي پرامن قافلن تي پوليس جو تشدد ۽ فائرنگ ڪرڻ  سمجھ کان بالاتر آهي. انهن حڪومت کي اپيل ڪئي ته اها خدا جي واسطي لٺين، گولين ۽ رياستي طاقت جي ذريعي عوام جي احتجاج کي ڌٻائڻ ۽ عوام جي خلاف طاقت جي استعمال کان هر قيمت تي پاسو ڪري.جناب الطاف حسين ساڌوڪي ۾ عورت ڪارڪن جي هلاڪ ٿيڻ جي واقعي تي پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ علامه ڊاڪٽر طاهر القادري سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙ عورت ڪارڪن جي مغفرت فرمائي، انهن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي، مرحومه جي سوگوار پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي.آمين.

5/16/2024 10:50:41 PM