خضدار ۽ ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثن جي نتيجي ۾ عورت سميت ڪجھ ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان تعزيت جو اظهار.
ڪراچي؛ 17 فيبروري 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي خضدار جي ويجهو ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ ، ڪراچي ڪورنگي ۾ بس جي ڪلٽي ٿيڻ ۽ ڪلفٽن برج تي ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ عورت سميت ڪجھ ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي، ان زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ به دعا ڪئي. ان کان علاوه حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي شيراز احمد ڪورنگي ۾ حادثي واري جڳھ تي پهچي ڪري زخمين کي پنهنجي نگراني ۾ اسپتال منتقل ڪرايو ۽ انهن ان حادثي جي نتيجي هلاڪ ٿيندڙن جي پونئرن سان جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت به ڪئي. انهن اسپتال انتظاميه کي زخمين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هدايتون به ڏنيون.