Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نوري آباد جي ويجهو مسافر وين ۾ گيس سلينڊر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 12 ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ جي حادثي ۾ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.


نوري آباد جي ويجهو مسافر وين ۾ گيس سلينڊر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 12 ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ جي حادثي ۾ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
 Posted on: 2/23/2015
نوري آباد جي ويجهو مسافر وين ۾ گيس سلينڊر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 12 ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ جي حادثي ۾ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
عوام پنهنجي جانين جي تحفظ جي لاءِ پنهنجين گاڏين مان گيس سلينڊر ڪڍي ڪري انهن کي ٻيهر پيٽرول يا ڊيزل تي منتقل ڪري ڇڏين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اپيل.
لنڊن؛ 23 فيبروري 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين نوري آباد جي ويجهو سپرهائي وي تي وين ۾ گيس سلينڊر جي ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 12 ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ جي حادثي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پنهنجين جانين جي تحفظ جي لاءِ پنهنجين گاڏين مان گيس سلينڊر ڪڍي ڪري انهن کي ٻيهر پيٽرول يا ڊيزل تي منتقل ڪري ڇڏين. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته مسافر بسن، ويگنن ۽ پرائيويٽ گاڏين ۾ گيس سلينڊر ڦاٽڻ جا واقعا روز روز ٿي رهيا آهن، ڪوئي به ڏينهن اهڙو نه ٿو گذري جو جڏهن گاڏين ۾ گيس سلينڊر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ معصوم انساني جانين جو زيان نه ٿيندو هجي. انهن وڌيڪ فرمايو ته خراب گيس سلينڊرن ۽ انهن جي تنصيب جي ناقص نظام جي ڪري ان قسم جي دردناڪ واقعن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ان جي ڪري مان اهڙي صورتحال ۾ عوام کي اها اپيل ڪريان ٿو ته اهي پنهنجين جانين جي تحفظ جي لاءِ پنهنجين گاڏين مان گيس سلينڊر ڪڍي ڪري انهن کي ٻيهر پيٽرول يا ڊيزل تي منتقل ڪري ڇڏين ته جيئن ان قسم جي دردناڪ حادثن کان بچي سگهجي. انهن عوام کي اها به اپيل ڪئي ته اهي اهڙين گاڏين ۾ ويهڻ کان هر ممڪن پاسو ڪن جن ۾ گيس سلينڊر لڳل هجن. جناب الطاف حسين حڪومت کان به مطالبو ڪيو ته اهڙين تمام بسن، ويگنن، ڪوچن ۽ پرائيويٽ گاڏين کي روڊن تي آڻڻ جي اجازت نه ڏني وڃي جن ۾ لڳل گيس سلينڊر ۽ انهن جي تنصيب گهربل معيار تي پوري نه لهندي هجي.

7/17/2024 1:25:28 PM