Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان حيدري مارڪيٽ جي ويجهو واپاري ڪريم هاشواڻي ۽ انهن جي ڊرائيور جي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.


ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان حيدري مارڪيٽ جي ويجهو واپاري ڪريم هاشواڻي ۽ انهن جي ڊرائيور جي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.
 Posted on: 2/18/2015
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان حيدري مارڪيٽ جي ويجهو واپاري ڪريم هاشواڻي ۽ انهن جي ڊرائيور جي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.
ڪراچي؛ 18 فيبروري 2015 
            ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي علائقي حيدري مارڪيٽ جي ويجهو دهشت گردن جي فائرنگ سان واپاري ڪريم هاشواڻي ۽ انهن جي ڊرائيور جي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته دهشت گرد شهر جي معيشت کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ هڪ سوچيل سمجيهل منصوبي جي تحت واپاري برادري کي نشانو بڻائي رهيا آهن. انهن چيو ته ڪريم هاشواڻي جو قتل فقط ٽارگيٽ ڪلنگ ئي نه بلڪه ڪراچي جي معيشت تي ڪاري ضرب لڳائڻ جي سنگين سازش جو هڪ حصو به آهي پر ڪراچي جا شهري ان سازش کي پنهنجي اتحاد سان ناڪام بڻائي ڇڏيندا.رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي انهن قتلن جو سختي سان نوٽس وٺن. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي ڪريم هاشواڻي ۽ انهن جي ڊرائيور جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار به ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي شهيدن جي مغفرت فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.

7/17/2024 1:15:43 PM