جسٽس رٽائرڊ راڻا ڀگوان داس جي انتقال تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس اظهار.
راڻا ڀگوان داس جي ملڪ ۽ عدالت جي لاءِ ڏنل خدمتن کي ڪنهن به صورت فراموش نه ٿو ڪري سگهجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 23 فيبروري 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جسٽس راڻا ڀگوان داس جي انتقال تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته راڻا ڀگوان داس هميشه قانون جي بالادستي جي لاءِ ڪم ڪيو ۽ انهن جي انتقال سان ملڪ هڪ سٺي ۽ سينيئر قانون دان کان محروم ٿي ويو آهي. راڻا ڀگوان داس جي ملڪ ۽ عدالت جي لاءِ ڏنل خدمتن کي ڪنهن به صورت فراموش نه ٿو ڪري سگهجي. جناب الطاف حسين راڻا ڀگوان داس جي سوگوار پونئرن ۽ وڪلا برادري سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام اسيمبلي ميمبر ۽ ڪارڪنَ به اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.