Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

لاهور جي علائقي قلعه گجر سنگ پوليس لائين جي ٻاهران خودڪش بم ڌماڪي تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.


لاهور جي علائقي قلعه گجر سنگ پوليس لائين جي ٻاهران خودڪش بم ڌماڪي تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 2/17/2015
لاهور جي علائقي قلعه گجر سنگ پوليس لائين جي ٻاهران خودڪش بم ڌماڪي تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
لنڊن؛ 17 فيبروري 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين لاهور جي علائقي قلعه گجر سنگ پوليس لائين جي ٻاهران خودڪش بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته دهشت گردي ۽ بم ڌماڪن ۾ معصوم ماڻهن کي رت ۾ وينجهاريو پيو وڃي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن فرمايو ته جيڪي وحشي دهشت گرد بم ڌماڪا ڪري معصوم ۽ بي گناھ ماڻهن جي جان و مال سان کيڏي رهيا آهن اهي ملڪ و قوم جا کليل دشمن آهن.انهن فرمايو ته پوليس لائين جي ٻاهران بم ڌماڪو آپريشن ضرب عضب کي ناڪام بڻائڻ جي هڪ ڪوشش آهي. انهن ان بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي.انهن صدر مملڪت ممنون حسين، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ پنجاب جي وزير اعلٰي ميان شهباز شريف کان مطالبو ڪيو ته ان بم ڌماڪي جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي ۽ ان ۾ ملوث دهشت گردن جي خلاف  قانون جي مطابق سخت ترين ڪاروائي ڪئي وڃي ۽  شهرين جي ٿيندڙ نقصان جو ازالو به ڪيو وڃي.

7/17/2024 1:45:18 PM