Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اي پي ايم ايس او جي تحت ڪراچي يونيورسٽي وليڪا گرائونڊ ۾ تيرهون پيغام امن ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شروع ٿي ويو.


اي پي ايم ايس او جي تحت ڪراچي يونيورسٽي وليڪا گرائونڊ ۾ تيرهون پيغام امن ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شروع ٿي ويو.
 Posted on: 2/23/2015
اي پي ايم ايس او جي تحت ڪراچي يونيورسٽي وليڪا گرائونڊ ۾ تيرهون پيغام امن ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شروع ٿي ويو.
ٽورنامينٽ جو افتتاح ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي بيٽنگ ڪري ڪيو.
ڪراچي؛ 23 فيبروري 2015 
             اي پي ايم ايس او جي زير اهتمام ڪراچي يونيورسٽي  وليڪا گرائونڊ ۾ تيرهون امن ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شروع ٿي ويو.ٽورنامينٽ جو افتتاح رابطا ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي بيٽنگ ڪري ڪيو. ان موقعي تي ڪرڪٽر فواد عالم، قائم مقام وائيس چانسلر ڪراچي يونيورسٽي ۽ ٻيا به موجود هئا.ٽورنامينٽ جي افتتاحي تقريب جي شرڪاء کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته جناب الطاف حسين ڪراچي يونيورسٽي کان حق پرستانه جدوجهد جو آغاز ڪيو هو ۽ ان مقصد جي لاءِ اي پي ايم ايس او جي بنياد رکي هئي جنهن انقلابي تحريڪ ايم ڪيو ايم کي جنم ڏنو. انهن چيو ته اڄ به جناب الطاف حسين جون گهريون يادون ڪراچي يونيورسٽي سان لاڳاپيل آهن ۽ اي پي ايم ايس او جو وجود ڪراچي يونيورسٽي ۾ جناب الطاف حسين جي موجودگي جو احساس ڏياريندو رهي ٿو. انهن چيو ته پاڪستان جي عوام سان ناانصافين جو سلسلو لڳاتار جاري آهي ۽ ڪراچي سان گڏو گڏ رانڌين جي ميدان کي به نه ڇڏيو ويو آهي ۽ تعصب ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ورلڊ ڪپ ۾ جن رانڌيگرن کي هجڻ گهرجي ها اهي اڄ  هتي موجود آهن. ان موقعي تي هڪ صحافي جي سوال جو جواب ڏيندي انهن چيو ته حڪومت ۾ شامل ٿيڻ زير غور نه آهي، ضرورت پئي ته سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جو عهدو وٺنداسين ۽ جڏهن ته ايم ڪيو ايم سينيٽ جون چار سيٽون به حاصل ڪري وٺندي.

7/17/2024 1:31:13 PM