Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مذهب جي نالي تي دهشت گردي جي سرپرستي ۽ حمايت ڪرڻ وارين جماعتن جو گهيراءُ تمام ضروري آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ميمبر قاسم علي رضا.


مذهب جي نالي تي دهشت گردي جي سرپرستي ۽ حمايت ڪرڻ وارين جماعتن جو گهيراءُ تمام ضروري آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ميمبر قاسم علي رضا.
 Posted on: 2/16/2015
مذهب جي نالي تي دهشت گردي جي سرپرستي ۽ حمايت ڪرڻ وارين جماعتن جو گهيراءُ تمام ضروري آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ميمبر قاسم علي رضا.
القائده، طالبان ۽ داعش جي دهشت گردن جي سرپرستي ۽ حمايت ڪرڻ وارين جماعتن جو گهيراءُ ڪيو وڃي.وزير اعظم کان مطالبو.
لنڊن؛ 16 فيبروري 2015 
          متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر قاسم علي رضا چيو آهي ته ملڪ کان مذهبي نفرت ۽ فرقي وارانه دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ القائده، طالبان ۽ داعش جي سرپرستي ۽ حمايت ڪرڻ وارين جماعتن جو گهيراءُ اڻ ٽر ٿي چڪو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ قاسم علي رضا چيو ته اها حقيقت پوري دنيا جي سامهون ظاهر آهي ته القائده ۽ طالبان جا نامي گرامي دهشت گرد ڪهڙي مذهبي جماعت جي رهنمائن جي گهرن کان گرفتار ڪيا ويا. اهي دهشت گرد نه صرف عالمي سطح تي دهشت گردي ۾ ملوث آهن پر پاڪستان ۾ سول ۽ ملٽري تنصيبات، سريلنڪا جي ٽيم ۽ ٻين اهم هنڌن تي حملن ۾ ملوث آهن  پر اڄ تائين انهن وحشي دهشت گردن کي پناھ ڏيڻ ۽ انهن جي سرپرستي ڪرڻ وارين جماعت جي خلاف ڪنهن به قسم جي ڪاروائي نه ڪئي وئي آهي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته القائده ، طالبان ۽ داعش جي دهشت گردن جي سرپرستي ۽ حمايت ڪرڻ وارين جماعتن جو گهيراءُ ڪيو وڃي ۽ سڄي ملڪ ۾ قتل و غارتگري ۽ دهشت گردي ۾ ملوث ماڻهن جي حمايت ڪرڻ وارن جي خلاف سخت ترين ڪاروائي ڪئي وڃي.

7/17/2024 1:20:47 PM