Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مجلس وحدت المسلمين جي مرڪزي قائد علامه ناصر عباس، علامه امين شهيدي ۽ شڪارپور شهداء ڪميٽي جي چيئرمين علامه مقصود ڏومڪي جي ايم ڪيو ايم جي ڪيمپ تيرابطا ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج عامر خان ۽ ٻين سان ملاقات.


مجلس وحدت المسلمين جي مرڪزي قائد علامه ناصر عباس، علامه امين شهيدي ۽ شڪارپور شهداء ڪميٽي جي چيئرمين علامه مقصود ڏومڪي جي ايم ڪيو ايم جي ڪيمپ تيرابطا ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج عامر خان ۽ ٻين سان ملاقات.
 Posted on: 2/18/2015
مجلس وحدت المسلمين جي مرڪزي قائد علامه ناصر عباس، علامه امين شهيدي ۽ شڪارپور شهداء ڪميٽي جي چيئرمين علامه مقصود ڏومڪي جي ايم ڪيو ايم جي ڪيمپ تيرابطا ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج عامر خان ۽ ٻين سان ملاقات.
ڪراچي؛ 18 فيبروري 2015 
             مجلس وحدت المسلمين جي قائد علامه ناصر عباس، مرڪزي سيڪريٽري جنرل علامه امين شهيدي، علي نقوي ۽ شڪارپور شهداء ڪميٽي جي چيئرمين علامه مقصود ڏومڪي ايم ڪيو ايم جي طرفان لڳايل ڪيمپ جو دورو ڪيو ۽ ڪيمپ تي موجود ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج عامر خان، رابطا ڪميٽي جي ميمبرن حيدرعباس رضوي، عارف خان ايڊووڪيٽ، عبدالحسيب، عظيم فاروقي ۽ حق پرست اسيمبلي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. ڪيمپ تي آمد جي وقت ايم ڪيو ايم جي سوين ڪارڪنن انهن جو آدرڀاءُ ڪيو. ان موقعي تي انهن ايم ڪيو ايم خصوصن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو ۽ چيو ته ملڪ ۾ دهشت گردن ۽ دهشت گردي جي خلاف سڀني کان واضع موقف جناب الطاف حسين جو آهي. انهن چيو ته مذهبي انتها پسندي ۽ فرقي واريت جي خلاف جناب الطاف حسين جو ڪردار ناقابل فراموش آهي ۽ انهن هميشه ظلم جي خلاف آواز بلند ڪئي آهي. انهن چيو ته اسان ايم ڪيو ايم ۽ جناب الطاف حسين جو خصوصي شڪريو ادا ڪريون ٿا جو انهن اسان جي اصولي موقف جي تائيد ڪئي آهي .

7/17/2024 1:34:33 PM