رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عبدالحسيب ۽ شبير احمد قائم خاني سابق حق پرست اميدوار برائي صوبائي اسيمبلي فهميده شاھ جي وفات تي سجاول انهن جي تڏي تي وڃي ڪري مرحومه جي مڙس سيد شفيق شاھ سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو.
ٺٽو: 4 آڪٽوبر 2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عبدالحسيب ۽ شبير احمد قائم خاني سابق حق پرست اميدوار برائي صوبائي اسيمبلي فهميده شاھ جي وفات تي سجاول ۾ انهن جي تڏي تي وڃي ڪري انهن جي مڙس سيد شفيق شاھ ۽ انهن جي پٽن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار به ڪيو. انهن چيو ته محترمه فهميده شاھ مرحومه تحريڪ جي هڪ سرگرم ڪارڪن هئي ۽ انهن جو حق پرستي جي تحريڪ ۾ ڪردار فراموش ڪري نه ٿو سگهجي. انهن دعا ڪئي الله تعالٰي مرحومه کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي .آمين. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم سنڌ تنظيمي ڪميٽي جو انچارج عمر قريشي، سابق حق پرست اسيمبلي ميمبرَ وسيم احمد، دلاور قريشي ۽ ٻيا به موجود هئا.