Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

8 آڪٽوبر 2005 جو قيامت خيز زلزلو اهڙا اڻمٽ نقشَ ڇڏي ويو آهي جنهن تي اڄ به قومي ۽ عالمي سطح تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو پيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


8 آڪٽوبر 2005 جو قيامت خيز زلزلو اهڙا اڻمٽ نقشَ ڇڏي ويو آهي جنهن تي اڄ به قومي ۽ عالمي سطح تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو پيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 10/7/2015
8 آڪٽوبر 2005 جو قيامت خيز زلزلو اهڙا اڻمٽ نقشَ ڇڏي ويو آهي جنهن تي اڄ به قومي ۽ عالمي سطح تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو پيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 7 آڪٽوبر 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سانحه 8 آڪٽوبر 2005 جي شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي فرمايو آهي ته آزاد ڪشمير ۽ صوبي ڪي پي ڪي ۾ ايندڙ قيامت خيز زلزلو اهڙا اڻمٽ نقشَ ڇڏي ويو آهي، جنهن تي اڄ به قومي ۽ عالمي سطح تي انسانيت تي يقين رکڻ وارن جي طرفان ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو وڃي ٿو. سانحه 8 آڪٽوبر 2005 کي 10 سال مڪمل ٿيڻ ۽ سانحه جي شهيدن جي ڏهين ورسي جي موقعي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته سانحه 8 آڪٽوبر ۾ هزارين انساني جانيون ضايع ٿيون ۽ خاندانن جا خاندان تباھ ٿي ويا. جڏهن ته اڄ به متاثر پنهنجي بحالي جا منتظر آهن ان جي ڪري ان قسم جي قدرتي آفتن ۽ سانحن سان نڀرڻ ۽ ٺوس منصوبه بندي ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ادارن کي فعال بڻائڻ جي سخت ضرورت آهي. انهن فرمايو ته انساني جانين جي ضياع جي ان دردناڪ ڏينهن کي ڪڏهن به فراموش ڪري نه ٿو سگهجي ۽ اهو قومي تاريخ جو هڪ دردناڪ سانحو آهي. انهن زلزلي متاثرن جي بحالي جي لاءِ طبي ۽ امدادي سرگرميون جاري رکڻ، موسم جون سختيون برداشت ڪرڻ ۽ ڏکايل انسانيت جي خدمت ۾ وڌي چڙهي ڪري حصو وٺڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي، حق پرست اسيمبلي ميمبرن، ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن ، ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جي ڊاڪٽرن 
۽ اسٽاف کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته ڪي ڪي ايف ۽ ايم ڪيو ايم جون خدمتون انسانيت جي خدمت جو واضع ۽ بي مثال ثبوت آهي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم واحد جماعت هئي جنهن جا رضاڪار سڀني کان پهرين زلزلي متاثرن جي بحالي جي لاءِ امدادي سامان ۽ طبي سهولتن سميت پهتا ۽ اتي انساني زندگي جي بحالي جي لاءِ جنهن دل لگي سان ڪم ڪيو ان تي حڪومت پاڪستان ڪي ڪي ايف کي زلزلي متاثرن جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت انجام ڏيڻ تي  ستاره امتياز سان به نوازيو هو. جناب الطاف حسين سانحه 8 آڪٽوبر جي شهيدن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جميل به عطا فرمائي. آمين. 
*****

7/17/2024 2:21:54 PM