ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي ضمانت ۾ فيبروري 2016 تائين توسيع ڪئي وئي آهي.
مون کي اميد آهي ته ضمانت ۾ توسيع سان بالا آفيسرن کي پنهنجي تحقيقات مڪمل ڪرڻ جو پورو موقعو ملندو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 5 آڪٽوبر 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي ضمانت ۾ فيبروري 2016 تائين توسيع ڪئي وئي آهي. برطانيه جي ميٽروپوليٽن پوليس جناب الطاف حسين کي ان ڳالھ کان اڄ سائوٿ لنڊن جي پوليس اسٽيشن ۾ آگاھ ڪيو . جناب الطاف حسين مني لانڊرنگ جي الزام ۾ جاري تحقيقات جي سلسلي ۾ وڌيڪ انٽرويو جي لاءِ اڄ صبح سائوٿ لنڊن جي سدرڪ پوليس اسٽيشن پهتا هئا. جناب الطاف حسين جي پوليس ضمانت ۾ توسيع انهن ئي شرطن تي ڪئي وئي آهي جيڪي ان کان پهرين ضمانت ۾ توسيع جي موقعي تي عائد ڪيون ويون هيون. ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته ضمانت ۾ توسيع برطانيه جي قانون جي تحت هڪ معمول جي ڪاروائي آهي ۽ مون کي اميد آهي ته ضمانت ۾ توسيع سان بالا آفيسرن کي پنهنجي تحقيقات مڪمل ڪرڻ جو پورو موقعو ملندو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ان موقعي تي ڀرپور سپورٽ ڪرڻ ۽ الله تعالٰي جي حضور دعائون گهرڻ تي پنهنجي لکين ڪارڪنن ۽ پوري قوم جو شڪر گذار آهيان ۽ انهن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي پنهنجين صفن ۾ اهڙي طرح ئي اتحاد برقرار رکن ۽ ان پوري قانوني ڪاروائي جي دوران پرامن رهن.
*****