Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

8 آڪٽوبر جي زلزلي جي شهيدن جي ڏهين ورسي جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام زلزلي جي متاثره علائقن جي تعمير نو ۾ ناڪامي ۽ 50 سيڪڙو منصوبا اڌورا رهجي وڃڻ جي خلاف مظفر آباد ۾ سينٽرل پريس ڪلب جي ٻاهران زبردست احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 Posted on: 10/8/2015

ڏهن سالن کان پوءِ به 50 سيڪڙو منصوبا اڌورا رهجي وڃڻ حڪمرانن جي منھ تي چماٽ آهي. طاهر کوکر.
مظفر آباد: 8 آڪٽوبر 2015 
             8 آڪٽوبر 2005 جي زلزلي جي شهيدن جي ڏهين ورسي جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام زلزلي متاثره علائقن جي تعمير نو ۾ ناڪامي ۽ 50 سيڪڙو منصوبا اڌورا رهجڻ جي خلاف مظفر آباد ۾ سينٽرل پريس ڪلب جي ٻاهران زبردست احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر طاهر کوکر مظاهرين کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت عوام کي ٻڌائي ته ان زلزلي متاثرن جي لاءِ ڇا ڪيو، ڏهن سالن کان پوءِ به 50 سيڪڙو منصوبا اڌورا رهجڻ حڪمرانن جي منھ تي چماٽ آهي. جيڪڏهن زلزلي متاثرن جا لٽيل ۽ ڪرپشن جي نذر ٿيل اربين روپيا وصول نه ڪيا ويا ته عوام پوري رياست ۾ احتجاج ڪندو. انهن چيو ته زلزلي متاثرن جي بحالي جي لاءِ اربين روپين جا فنڊ آزاد ڪشمير کي مليا جيڪي حڪمرانن جي عياشين ۾ لڳي ويا. انهن چيو ته جيڪڏهن حڪومت پنهنجن دعوٰئن ۾ سنجيده آهي ته وزير اعظم فوري طور تي انڪوائري ڪرائي ته پنجن سالن ۾ اسڪولن ۽ صحت جي طبي مرڪزن جي تعمير ڇو نه ڪئي وئي. ان موقعي تي  ٻين رهنمائن به خطاب ڪيو.
*****

7/17/2024 2:32:35 PM