Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪمال ملڪ جي گرفتاري وڏو ظلم آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪمال ملڪ جي گرفتاري وڏو ظلم آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 10/8/2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪمال ملڪ جي گرفتاري وڏو ظلم آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 8 آڪٽوبر 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رينجر جي طرفان رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪمال ملڪ جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان گرفتاري کي وڏو ظلم قرار ڏنو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪمال ملڪ گلبرگ ٽائون جا ناظم به رهي چڪا آهن، رينجر وارا انهن جي گرفتاري کان لاعلمي جو اظهار ڪري رهيا آهن جنهن سان انهن جي زندگي کي سخت خطرو لاحق آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته  ڪمال ملڪ جگر جي بيماري ۾ مبتلا آهن ۽ بيمار شخص کي بغير ڪنهن جواز جي گرفتار ڪرڻ وڏو ظلم ۽ زيادتي آهي. رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته ڪمال ملڪ کي فوري طور تي رها ڪيو وڃي. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي انساني حقن جي تنظيمن کي به اپيل ڪئي ته اهي به ايم ڪيو ايم جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين ۽ انهن تي تشدد ڪرڻ جو نوٽس وٺن ۽ ان ظلم جي خلاف آواز بلند ڪن. 
*****

7/17/2024 2:36:09 PM