ڪوڙ تي ٻڌل مواد نشر ڪرڻ واري ٽي وي چينل جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جناب الطاف حسين جي قومي اسيمبلي جي مستعفي ميمبر علي رضا عابدي کي هدايت.
لنڊن: 7 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين مستعفي ميمبر قومي اسيمبلي علي رضا عابدي جي خلاف اليڪٽرانڪ ميڊيا تي هلندڙ من گهڙت ۽ بي بنياد خبرن جو نوٽس وٺندي بحيثيت قائد مستعفي ميمبر قومي اسيمبلي کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ان معاملي تي فوري طور تي آئيني ۽ قانوني ماهرن سان رجوع ڪن ۽ جيڪو ٽي وي چينل انهن جي خلاف ڪوڙ تي ٻڌل مواد نشر ڪري رهيو آهي ان جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪن. واضع رهي ته مختلف ٽي وي چينلن جي طرفان اها غلط ۽ بي بنياد خبر نشر ڪئي پئي وڃي ته ايم ڪيو ايم جي مستعفي ميمبر قومي اسيمبلي علي رضا عابدي گورنر سنڌ جي ڀائرن جي خلاف ڀتا خوري جو مقدمو درج ڪرايو آهي.
*****