Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪمال ملڪ کي صرف ان جي ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي جو اهي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان گڏ بيٺا آهن ۽ اسان مائنس ون فارمولي کي واضع طور تي رڌ ڪريون ٿا. ڊاڪٽر فاروق ستار.


رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪمال ملڪ کي صرف ان جي ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي جو اهي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان گڏ بيٺا آهن ۽ اسان مائنس ون فارمولي کي واضع طور تي رڌ ڪريون ٿا. ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 10/8/2015
رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪمال ملڪ کي صرف ان جي ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي جو اهي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان گڏ بيٺا آهن ۽ اسان مائنس ون فارمولي کي واضع طور تي رڌ ڪريون ٿا. ڊاڪٽر فاروق ستار.
ڪمال ملڪ سميت ڏيڍھ سو کان وڌيڪ لاپتا ڪارڪن رينجر جي تحويل ۾ آهن.
جيڪڏهن ڪمال ملڪ جو ڪوئي ڏوھ آهي ته  24 ڪلاڪن جي اندر ٻڌايو وڃي.
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي: 8 آڪٽوبر 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته رينجر اهلڪارن ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪمال ملڪ کي بغير ڪنهن ڏوھ جي گرفتار ڪيو آهي، جيڪڏهن انهن ڪوئي ڏوھ ڪيو هجي ها ته ڇا اهي پنهنجي گهر ۾ آرام سان سمهيا پيا هجن ها. انهن چيو ته انهن جو ڏوھ صرف اهو آهي ته اهي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان گڏ بيٺل آهن ۽ اسان مائنس الطاف حسين فارمولي کي واضع طور تي رڌ ڪريون ٿا. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي رابطا ڪميٽي جا ميمبرَ شبير احمد قائم خاني،عبدالقادر خانزاده، محترمه زرين مجيد، محترمه ريحانه نسرين، ڪمال ملڪ جي گهر واري ۽ ٻيا به موجود هئا.انهن چيو ته ڪمال ملڪ جي گرفتاري جون تفصيلات ريڪارڊ تي آڻڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان کي ڪمال ملڪ جي زندگي ۽ انهن جي صحت جي باري ۾ خدشا آهن. انهن چيو ته ڪمال ملڪ رابطا ڪميٽي جا ڇوٿان ميمبر آهن جن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته ڪراچي آپريشن ٻه سال اڳ اسان جي ئي مطالبي تي شروع ڪيو ويو هو ۽ ان جو مقصد ڪراچي کان ڏوهارين جو خاتمو ۽ ان کي دهشت گردن کان پاڪ ڪرڻ هو پر ايم ڪيو ايم جي شڪايت اها آهي ته گذريل ڪجھ مهينن کان ڪراچي ٽارگيٽڊ آپريشن کي ڏوهارين جي خاتمي ۽ دهشت گردن جو خاتمو ڪرڻ جي بجاءِ ايم ڪيو ايم جي خاتمي جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي، ايم ڪيو ايم جي هزارين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.انهن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، درجنين ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي، سوين ڪارڪن لاپتا آهن. انهن چيو ته اسان جي ليڊر شپ ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن کي به گرفتار ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته ٻئي طرف اهڙي ڪائي به جماعت نه آهي جنهن جي ليڊر شپ کي هٿ به لڳايو ويو هجي. جڏهن ته انهن جي ڪرپشن جا ڪيترائي ڪيسَ به سامهون اچي چڪا آهن. ڪرپشن جي رقم دهشت گردي ۽ ڏوهن کي هٿي ڏيارڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ جون ڪهاڻيون هر زبان تي عام آهن ۽ انهن کي کليل چوٽ مليل آهي. انهن چيو ته اها ڳالھ واضع ٿي وئي آهي ته ڪراچي آپريشن صرف ايم ڪيو ايم کي سياسي منظر نامي تان هٽائي ڪري سنڌ خصوصن ڪراچي ۾ ڪنهن ٻئي کي مسلط ڪيو وڃي.انهن چيو ته ايم ڪيو ايم سان ٿيندڙ ان ظلم ۽ ناانصافي جا اثر شهري علائقن جي عوام تي پئجي رهيا آهن ۽ شهري علائقن جا عوام احساس ڪمتري ۾ به مبتلا آهن. اهو هڪ انتهائي خطرناڪ ۽ خوفناڪ رجحان آهي. جيڪڏهن ظلم ۽ ناانصافي جو اهو سلسلو ائين ئي جاري رهيو ته ان جا ويجهي مستقبل ۾ نتيجا سٺا نه نڪرندا. انهن چيو ته ان صورتحال کي نه روڪيو ويو ۽ ايم ڪيو ايم جي بار بار جي وارننگ تي ڪن نه ڌريو ويو ته پوءِ سڀ بيڪار ٿي ويندو.انهن چيو ته جيڪڏهن ڪمال ملڪ جو ڪوئي ڏوھ آهي ته 24 ڪلاڪن جي اندر ٻڌايو وڃي. اسان ڪمال ملڪ کي ڄاڻيون ٿا انهن جو سياسي ڪيريئر بي داغ آهي، 2 سالن کان آپريشن جاري آهي پر ان دوران ڪٿي به انهن جو نالو نه آيو ۽ انهن جي گرفتاري جو مقصد صرف اهو آهي ته اهي ڏکئي وقت ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان گڏ بيٺا آهن. انهن چيو ته ڪراچي آپريشن جي دوران ايم ڪيو ايم جون گرفتاريون ڏوهن جي خاتمي جي لاءِ نه بلڪه ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳائڻ  ۽ ان کي مڪاني اليڪشن ۾ آزادي سان حصو وٺڻ کان روڪڻ جي هڪ مذموم سازش آهي. انهن چيو ته ڪمال ملڪ مڪاني اليڪشن ۾ يوسي جي چيئرمين شپ جا اميدوار به نامزد ٿيا آهن. پهرين به ڪمال ملڪ گلبرڪ ٽائون جا ناظم رهي چڪا آهن. انهن چيو ته ڪمال ملڪ جي گهر رينجر وارا يوني فارم ۾ آيا هئا ۽ ڪجھ ساده لباس ۾ به هئا پر جڏهن اسان رينجر وارن سان رابطو ڪيو ته انهن ڪمال ملڪ جي گرفتاري کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته اسان چئي رهيا آهيون ته ايم ڪيو ايم جي ڏيڍھ سو کان وڌيڪ لاپتا ڪارڪنن وانگر ڪمال ملڪ به رينجر جي تحويل ۾ آهن ته رينجر جا اعلٰي آفيسر يا حڪومت انهن واقعن تي تحقيقاتي ڪميٽي بڻائي ڪري تحقيقات ڇو نه ٿي ڪري. پاڙي وارن کان شآاهدي ڇو نه ٿي وٺي. ايم ڪيو ايم جا رهنما ۽ ڪارڪن ڇا پاڪستان جا شهري نه آهن ۽ ڇا پاڪستان جو آئين ۽ قانون انهن جي تحفظ جي ضمانت نه ٿو ڏيئي؟ انهن چيو ته جيڪڏهن شهر ۾ رينجر وارا ڇاپا ۽ گرفتاريون نه ڪري رهيا آهن ته پوءِ معلوم ڪيو وڃي ته اهو ڪهڙو ٽولو آهي جيڪو وڏي دليري سان شهر ۾ رينجر جي وردين ۾ ڪاروائيون ڪري رهيو آهي ۽ رينجر جي نظرن کان به اوجهل آهي. انهن چيو ته ڪمال ملڪ جي گهر باقائده ڊبل ڪيبن گاڏين ۾ ڇاپي مار ڪاروائي ڏيڍھ ڪلاڪ تائين جاري رهي، ان دوران تلاشي ورتي وئي، ذاتي ڪاغذَ، علاج معالجي جي ڪاغذن جي فائيل ۽ ٻيا ڪاغذ به رينجر وارا پاڻ سان گڏ کڻي ويا. انهن ملڪي ۽ عالمي انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته اهي آواز بلند ڪن ته ايم ڪيو ايم سان جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آهي اهو دهشت گردن ۽ ڏوهاري ماڻهن جي خاتمي جي لاءِ نه ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن ائين هجي ها ته پابندي وڌل تنظيمن کي کليل چوٽ نه مليل هجي ها. انهن صدر مملڪت ممنون حسين، وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ، ڪورڪماندر جنرل نويد مختيار ۽ ڊي جي رينجر جنرل بلال اڪبر کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪمال ملڪ جي غير قانوني گرفتاري جو نوٽس وٺن ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف غير اعلانيه رياستي آپريشن جو سلسلو بند ڪرائين ۽ ڪمال ملڪ سميت ايم ڪيو ايم جي سمورن ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدردن تي ظلم جو سلسلو فوري طور تي بند ڪرائين. ايم ڪيو ايم جي سياسي ۽ سماجي سرگرمين تي عائد پابندي کي ختم ڪري ان کي جمهوري حڪومت جي دور ۾ ئي جمهوري عمل کان ڪڍڻ جو سلسلو فوري طور تي بند ڪرائين ۽ ايم ڪيو ايم جي سياسي ۽ عوامي مينڊيٽ جو احترام ڪيو وڃي ۽ رينجر کي ايم ڪيو ايم جي خلاف بطور پارٽي استعمال ڪرڻ جي پاليسي ترڪ ڪري رينجر کي ڏوهاري ماڻهن ۽ دهشت گردن جي خاتمي تائين محدود ڪيو وڃي. ان کان پوءِ ڪمال ملڪ جي گهر واري رينجر جي اعلٰي آفيسرن ۽ اختيار رکندڙ ڌرين کي اپيل ڪئي ته اهي ڪمال ملڪ جي گرفتاري کي ظاهر ڪن. منهنجي مڙس ڪوئي ڏوھ نه ڪيو آهي بلڪه انهن عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ انهن کي فوري طور تي رها ڪيو وڃي. 
*****

7/17/2024 2:28:48 PM