Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر محمد ڪمال ملڪ جي گهر واري سان فون تي ڳالھ ٻولھ. انهن ڪمال ملڪ جي گرفتاري تي همدردي جو اظهار به ڪيو.


ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر محمد ڪمال ملڪ جي گهر واري سان فون تي ڳالھ ٻولھ. انهن ڪمال ملڪ جي گرفتاري تي همدردي جو اظهار به ڪيو.
 Posted on: 10/8/2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر محمد ڪمال ملڪ جي گهر واري سان فون تي ڳالھ ٻولھ. انهن ڪمال ملڪ جي گرفتاري تي همدردي جو اظهار به ڪيو.
اوهان پاڻ کي هرگز به اڪيلو نه سمجهو، اسان ڪمال ملڪ جي رهائي جي سلسلي ۾ تمام تر قانوني رستا اختيار ڪري رهيا آهيون. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 8 آڪٽوبر 2015 
           ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر محمد ڪمال ملڪ جي گرفتاري جي اطلاع ملندي ئي انهن جي گهر فون ڪري انهن جي گهر واري سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ انهن سان همدردي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڪمال ملڪ جي گهر واري جناب الطاف حسين کي گهر تي ڇاپي ۽ گرفتاري جي تفصيلات کان آگاھ ڪيو. انهن ٻڌايو ته رينجر جي اهلڪارن ڪمال ملڪ جي گرفتاري جي ڪائي به وجه نه ٻڌائي ۽ اهو به نه ٻڌايو ته انهن کي ڪيڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن. انهن ٻڌايو ته ڪمال ملڪ جو ٻه سال اڳ ئي ليورٽرانسپلانٽ ٿيو آهي ۽ انهن جي طبيعت به ٺيڪ نه آهي. جنهن جي ڪري اهي ۽ انهن جو 14 سالن جو پٽ ۽ 11 سالن جي نياڻي به سخت پريشان آهن. جناب الطاف حسين ڪمال ملڪ جي گهر واري کي تسلي ڏني ۽ انهن سان همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته اوهان پاڻ کي هرگز به اڪيلو نه سمجهو، ڪمال ملڪ تحريڪ جا سينيئر ساٿي آهن ۽ اسان انهن جي رهائي جي سلسلي ۾ تمام تر قانوني رستا اختيار ڪري رهيا آهيون ۽ لاڳاپيل آفيسرن سان به رابطا ڪري رهيا آهيون. اهو آزمائش جو وقت آهي، اوهان صبر ڪريو ۽ حوصلي کان ڪم وٺو. جناب الطاف حسين ڪمال ملڪ جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪندي فرمايو ته ڪمال ملڪ جيري جي مرض ۾ مبتلا آهن، انهن جي طبيعت خراب آهي ۽ انهن کي بغير ڪنهن جواز جي گرفتار ڪرڻ وڏي زيادتي آهي. انهن رينجر جي اعلٰي آفيسرن کي چيو ته ڪمال ملڪ هڪ مريض آهن ۽ انهن جي حالت به خراب آهي ۽ اهي ڪنهن به ٽارچر کي برداشت ڪري نه ٿا سگهن. ان جي ڪري انهن تي ڪوبه تشدد نه ڪيو وڃي.ڇو ته اهو صرف ڪمال ملڪ جي زندگي جو مسئلو نه آهي بلڪه اهو انهن جي ٻارن جي زندگي جو به مسئلو آهي. انهن مطالبو ڪيو ته ڪمال ملڪ کي فوري طور تي رها ڪيو وڃي. 
*****

7/17/2024 2:37:26 PM