Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

8 آڪٽوبر 2005 جي تباهي مچائيندڙ زلزلي ۾ ايم ڪيو ايم کان سواءِ ٻئي ڪنهن به سياسي ۽ مذهبي جماعت امدادي ڪاروائين ۾ حصو نه ورتو هو.


8 آڪٽوبر 2005 جي تباهي مچائيندڙ زلزلي ۾ ايم ڪيو ايم کان سواءِ ٻئي ڪنهن به سياسي ۽ مذهبي جماعت امدادي ڪاروائين ۾ حصو نه ورتو هو.
 Posted on: 10/7/2015
8 آڪٽوبر 2005 جي تباهي مچائيندڙ زلزلي ۾ ايم ڪيو ايم کان سواءِ ٻئي ڪنهن به سياسي ۽ مذهبي جماعت امدادي ڪاروائين ۾ حصو نه ورتو هو.
آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر طاهر کوکر جي سينٽرل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس.
مظفر آباد: 7 آڪٽوبر 2015 
             آزاد ڪشمير ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر طاهر کوکر 2005 جي تباهي مچائيندڙ زلزلي کي 10 سال گذرڻ ۽ اربين روپين جي ٻاهرين امداد ملڻ جي باوجود انفراسٽڪچر بحال ڪرڻ ۾ ناڪامي تي آزاد ڪشمير جي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي مطالبو ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت ۽ نيب سيرا جو اسپيشل آڊٽ ڪري ۽ تعمير نو ۾ تاخير ڪرڻ وارن جو تعين ڪري ۽ انهن کي سخت سزا ڏيئي ۽ امدادي رقم به سرڪاري خزاني ۾ واپس ڪرائي وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن سينٽرل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. انهن چيو ته 67 سيڪڙو منصوبو مڪمل ڪرڻ جو دعوٰي بلڪل ڪوڙو آهي. انهن چيو ته 682 تعليمي ادارا ۽ 2014 عمارتن جو ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي. انهن چيو ته 2005 جو زلزلو هڪ وڏي تباهي مچائيندڙ زلزلو هو جنهن ۾ ڪجھ سيڪنڊن ۾ ئي 46570 ماڻهو شهيد ٿي ويا ، 34 هزار ماڻهو زخمي ٿيا ۽ 18 لک ماڻهو بي گهر به ٿيا هئا. انهن چيو ته 977 ڳوٺ متاثر ٿيا، 314474 گهر تباھ ٿيا، 810 ڪلوميٽر روڊ تباھ ٿيا ۽ 2800 سو ڪلوميٽر پلون به تباھ ٿيون. انهن چيو ته زلزلي متاثرن جي لاءِ اربين روپيا مليا پر اهي ڪيڏانهن ويا، انهن جو ڪوئي به حساب ڪتاب نه آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هر سطح تي زلزلي متاثرن جي لاءِ آواز بلند ڪندي رهندي ۽ تعميري ڪم مڪمل ٿيڻ تائين چپ ڪري نه ويهندي. ان کان علاوه زلزلي جي شهيدن جي ڏهين ورسي جي موقعي تي خميس تي سينٽرل پريس ڪلب ۾ ايم ڪيو ايم آزاد ڪشمير جي زير اهتمام ڪي ڪي ايف جي خدمتن تي ٻڌل تصويرن جي نمائش به ڪئي ويندي. ياد رهي ته ڪي ڪي ايف 2005 جي زلزلي ۾ ڪروڙين روپين جو سامان ورهايو هو ۽ ڪيتري ئي وقت تائين ڪي ڪي ايف جا رضاڪار اتي موجود به رهيا هئا. 
*****

7/17/2024 2:19:50 PM