ڪراچي جي ماڻهن کي انهن جو جائز حصو نه ٿو ڏنو وڃي بلڪه سڄي دنيا ۾ انهن جي تصوير کي ٻيو رنگ ڏيئي ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو.رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد
حق پرست قيادت کي شهر جي مسئلن جي چڱي نموني ڄاڻ آهي ۽ مسئلن جي حل جي لاءِ ڪوششون به ڪندي رهي آهي. وسيم اختر
مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ بلديه ٽائون ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب
ڪراچي: 18 آڪٽوبر 2015
مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي طرفان ڪراچي ۾ ڪارنر ميٽنگن جو سلسلو جاري آهي .ا ن سلسلي ۾ بلديه ٽائون جي رانگهڙ پاڙي ۾ هڪ ڪارنر ميٽنگ جو انعقاد ڪيو ويو. جنهن ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبر محترمه زرين مجيد، سي اي سي انچارج وسيم اختر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي محترمه زرين مجيد چيو ته هر حڪومت ڪراچي جي شهرين سان ماٽيلي ماءُ جهڙو سلوڪ ڪيو آهي ، ڪراچي جي عوام کي قومي وسيلن ۾ انهن جو جائز حصو نه ٿو ڏنو وڃي. بلڪه سڄي دنيا ۾ ڪراچي جي پرامن شهرين جي تصوير کي ٻيو رنگ ڏيئي ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو. ان موقعي تي وسيم اختر خطاب ڪندي چيو ته حق پرست قيادت شهر جي مسئلن جي چڱي نموني ڄاڻ رکي ٿي ۽ انهن جي مسئلن جي حل جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون به ڪندي رهي آهي. اميد آهي ته عوام مڪاني اليڪشن ۾ حق پرست قيادت تي ماضي وانگر پنهنجي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪندا ۽ ايم ڪيو ايم جي نامزد ڪيل اميدوارن کي ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب ڪرائيندا. ان کان پوءِ مڪاني اميدوارن کي متعارف به ڪرايو ويو.