Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ حڪومت مڪاني اليڪشن جي شيڊول کان پوءِ بدليون ۽ مقرريون ڪري قانون جي سخت خلاف ورزي ڪئي آهي. ڪنور نويد جميل


سنڌ حڪومت مڪاني اليڪشن جي شيڊول کان پوءِ بدليون ۽ مقرريون ڪري قانون جي سخت خلاف ورزي ڪئي آهي. ڪنور نويد جميل
 Posted on: 10/20/2015
سنڌ حڪومت مڪاني اليڪشن جي شيڊول کان پوءِ بدليون ۽ مقرريون ڪري قانون جي سخت خلاف ورزي ڪئي آهي. ڪنور نويد جميل
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 20 آڪٽوبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪنور نويد جميل چيو آهي ته سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن جي طرفان مڪاني اليڪشن جي شيڊول کان پوءِ اهم ادارن ۾ مقرريون ۽ بدليون ڪري اليڪشن ڪميشن جي قانونن جي سخت خلاف ورزي ڪئي آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر عارف خان، عبدالقادر خانزاده، ارشد حسن ۽ اقبال مقدم به موجود هئا. ڪنور نويد جميل چيو ته ايم ڪيو ايم گذريل ٽن ڏهاڪن کان ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٿيندڙ اليڪشنن ۾ ڀرپور عوامي حمايت سان ڪاميابيون حاصل ڪندي رهي آهي جنهن جي تازه ترين مثال اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ، ڪنٽومينٽ بورڊ ۽ حيدرآباد جي مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي 50 سيڪڙو اميدوارن جي بنا مقابلي جي ڪاميابي پوري قوم جي سامهون آهي. انهن چيو ته اليڪشن ڪميشن 21 سيپٽمبر تي سنڌ ۾ مڪاني اليڪشن جي شيڊول جو اعلان ڪيو هو ۽ اليڪشن جي شيڊول جي اعلان کان پوءِ ڪنهن به اداري ۾ ڪنهن به سطح تي مقرريون ۽ بدليون غير آئيني ۽ اليڪشن قانونن جي خلاف هونديون آهن. پر بد قسمتي سان سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن جي قانونن جي کلي عام ڌڄيون وکيري ڇڏيون ۽ پنهنجن من پسند ماڻهن کي من پسند پوسٽن تي مقرر ڪري پري پول ريگننگ شروع ڪري ڇڏي آهي جن ۾سنڌ سيڪريٽريٽ، سنڌ پوليس، ڊائريڪٽريٽ آف اسڪولز، ڪي ايم سي، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ بورڊ آف روينيو جا ادارا سرفهرست آهن. انهن چيو ته مڪاني اليڪشن جي شيڊول جي اعلان کان پوءِ سڄي شهر ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان اسان جي بي گناھ ڪارڪنن ۽ ذميوارن سان گڏو گڏ حق پرست اميدوارن کي به گرفتار ڪيو پيو وڃي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته تحريڪ انصاف جي طرفان ايم ڪيو ايم تي مڪاني اليڪشن جي اميدوارن کي خوف زده ڪرڻ جي الزامن کي اسان رڌ ڪريون ٿا ۽ سڄي دنيا ڏٺو ته ڪهڙي طريقي سان  اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ۾ الزامن جي سياست ڪرڻ وارين  سياسي جماعتن ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي چرائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر انهن کي ناڪامي جو منھھ ڏسڻو پيو هو ۽ انشاء الله تعالٰي هن ڀيري به ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي ليگل ڪميٽي اليڪشن جي شيڊول کان پوءِ ڪئي ويندڙ مقررين ۽ بدلين جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ اسان ان حوالي سان ڪورٽن جا دروازا به کڙڪائيندا سين. ڇو ته اسان کي خطرو آهي ته سنڌ حڪومت جي طرفان اليڪشن شيڊول جي اعلان کان پوءِ مختلف ادارن ۾ مقرريون ۽ بدليون مڪاني اليڪشن جي منصفانه انعقاد کي مشڪوڪ بڻائي ڇڏينديون. انهن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف کان به مطالبو ڪريون ٿا ته اهي سنڌ خصوصن ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت جي طرفان مختلف ادارن ۾مقررين ۽ بدلين جو نوٽس وٺن. اليڪشن جي  شيڊول کان پوءِ حڪومت جي طرفان ڪئي ويندڙ مقررين ۽ بدلين کي ڪالعدم قرار ڏيارين ۽ باڪردار آفيسرن کي RO جي طور تي مقرر ڪيو وڃي.


7/17/2024 1:17:46 PM