Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي گرفتاري جو سلسلو جاري آهي


قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي گرفتاري جو سلسلو جاري آهي
 Posted on: 10/18/2015
قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي گرفتاري جو سلسلو جاري آهي
48 ڪلاڪن ۾ رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن ايم ڪيو ايم جي 7 ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 18 آڪٽوبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي مختلف علائقن مان رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي 7 بي گناھ ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪورنگي يونٽ 69 جي ڪارڪن يوسف، پي آئي بي يونٽ 49 جي ڪارڪن سراج حسن صديقي ۽ نارٿ ناظم آباد يونٽ 173 جي ڪارڪن طارق مرتضٰي کي ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته شاھ فيصل ڪالوني يونٽ –B  103 جي ذميوار سرفراز شيخ، پي آئي بي يونٽ  57  جي ڪميٽي ميمبر محمد سرور، لياري سيڪٽر يونٽ 29 جي ڪارڪن عدنان ۽ شاھ فيصل يونٽ 107 جي  ڪارڪن رشيد راجپوت کي رينجر وارن گرفتار ڪري ورتو. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي گرفتار ٿيل ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي زندگين کي سخت خطرا لاحق آهن ۽ انهن جا گهر وارا به سخت پريشان آهن. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گرفتارين جو سختي سان نوٽس وٺن، ڇاپن جو سلسلو بند ڪرائين ۽ گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪرائين. 

7/17/2024 1:43:14 PM