Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم تي ڪيبل آپريٽر ن کي ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام سراسر ڪوڙ ۽ بي بيناد آهي. ايم ڪيو ايم جو ترجمان


رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم تي ڪيبل آپريٽر ن کي ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام سراسر ڪوڙ ۽ بي بيناد آهي. ايم ڪيو ايم جو ترجمان
 Posted on: 10/20/2015
رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم تي ڪيبل آپريٽر ن کي ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام سراسر ڪوڙ ۽ بي بيناد آهي. ايم ڪيو ايم جو ترجمان
ڪراچي: 20 آڪٽوبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي ترجمان رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم تي ڪيبل آپريٽرن کي ڌمڪيون ڏيڻ  جي الزام کي سراسر ڪوڙ ۽ بي بنياد قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته ايم ڪيو ايم اي آر وائي جي متعصبانه رويي جي خلاف پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪندي پرامن انداز ۾ ان جو  بائيڪاٽ ڪيو آهي ۽ عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي اي آر وائي کي ڏسڻ بند ڪري ڇڏين. ان کان علاوه ايم ڪيو ايم جي طرفان اي آر وائي جي متعصبانه رويي جي خلاف پرامن احتجاجي مظاهرو به ڪيو ويو هو جيڪو هر جماعت جو آئيني، قانوني ، سياسي ۽ جمهوري حق آهي. پر رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي پرامن ۽ جمهوري حق کي به دهشت گردي قرار ڏيئي ڪري عوام کي گمراھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ترجمان چيو ته ڪراچي جا ڪيبل آپريٽرَ چڱي نموني ڄاڻين ٿا ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ڪيبل آپريٽرن کي ڪير گرفتار ڪري رهيو آهي، ڪير انهن کي گرفتاري کان پوءِ سرڪاري ٽارچر سيلن ۾ وٺي وڃي ڪري تشدد جو نشانو بڻائي رهيو آهي ۽ ڪير انهن کي ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي. ڪيبل آپريٽر اهو به چڱي نموني ڄاڻين ٿا ته اي آر وائي جي بائيڪاٽ جي اعلان کان فوري بعد ڪيبل آپريٽرن کي ڪنهن جي طرفان اهي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته اهي اي آر وائي جي نشريات بند نه ڪن. ترجمان چيو ته ڪراچي جا عوام چڱي نموني ڄاڻين ٿا ته ڇاپن، گرفتارين ، ڏاڍ، تشدد ۽ رياستي طاقت جي ذريعي شهر ۾ خوف جو ماحول ڪير پيدا ڪري رهيو آهي. 


7/17/2024 1:44:56 PM