حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي 22 يونين ڪائونسلن ۾ ايم ڪيو ايم جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين بنا مقابلي چونڊي ويا آهن
جنرل ڪائونسلرن جي 384 سيٽن مان 198 ايم ڪيو ايم جا جنرل ڪائونسلر به بنا مقابلي جي چونڊجي ويا آهن. ايم ڪيو ايم
ڪراچي: 20 آڪٽوبر 2015
مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي 22 يونين ڪائونسلن ۾ ايم ڪيو ايم جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين بنا مقابلي جي چونڊجي ويا آهن. تفصيلات جي مطابق حيدرآباد جي ميونسپل ڪارپوريشن 96 يونين ڪائونسلن تي ٻڌل آهي. انهن مان 13 يونين ڪائونسلن تي ايم ڪيو ايم جا پورا پينل ڪامياب ٿيا آهن جن ۾ چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ جنرل ڪائونسلر به شامل آهن. ان کان علاوه حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي جنرل ڪائونسلرن جي 384 سيٽن ما 198 سيٽن تي ايم ڪيو ايم جا جنرل ڪائونسلر به بنا مقابلي چونڊجي ويا آهن. اهڙي طرح بنا مقابلي ڪامياب ٿيندڙ حق پرست اميدوارن جي ڪل تعداد 242 آهي. ان شاندار ڪاميابي کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئرن جي ڪاميابي يقيني نظر اچي ٿي.