وسيم اختر جي زير صدارت ايم ڪيو ايم جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جو اهم اجلاس
مڪاني اليڪشن جي حوالي سان مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو ۽ مڪاني منشور جي لاءِ هڪ ڪميٽي به قائم ڪئي وئي
ڪراچي: 18 آڪٽوبر 2015
ايم ڪيو ايم سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي انچارج وسيم اختر جي زير صدارت نائن زيرو تي هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ مڪاني اليڪشن جي حوالي سان مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو. ان سلسلي ۾ سي اي سي جي طرفان مڪاني اليڪشن جي اميدوارن جي حوالي سان حتمي شفارشون ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي کي پيش ڪيون ويون ۽ مڪاني منشور جي لاءِ هڪ ڪميٽي به قائم ڪئي وئي. اجلاس ۾ ٻين سياسي جماعتن ۽ مختلف برادرين جي نمائندن سان رابطن جي سلسلي کي تيز ڪرڻ جي تجويز تي به خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي.