Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حق پرست مڪاني اميدوارن جي بنا مقابلي ڪاميابي جناب الطاف حسين تي عوام جي ڀرپور اعتماد جو واضع ثبوت آهي. رابطا ڪميٽي جو ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا


حق پرست مڪاني اميدوارن جي بنا مقابلي ڪاميابي جناب الطاف حسين تي عوام جي ڀرپور اعتماد جو واضع ثبوت آهي. رابطا ڪميٽي جو ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا
 Posted on: 10/18/2015
حق پرست مڪاني اميدوارن جي بنا مقابلي ڪاميابي جناب الطاف حسين تي عوام جي ڀرپور اعتماد جو واضع ثبوت آهي. رابطا ڪميٽي جو ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا
انشاء الله تعالٰي مڪاني اليڪشن جي ڏينهن حيدرآباد جا عوام مخالفن جون ضمانتون ضبط ڪرائي ڇڏيندا
حسرت موهاني هوم اسٽيٽ هال حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس
حيدرآباد: 18 آڪٽوبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر سيد شاهد پاشا چيو آهي ته مڪاني اليڪشن ۾ حيدرآباد کان وڏي تعداد ۾ حق پرست اميدوارن جي بنا مقابلي ڪاميابي شهيدن جي قربانين جي صدقي آهي. جن تحريڪ جي مشن و مقصد جي خاطر پنهنجيون جانيون قربان ڪري ڇڏيون. انهن خيالن جو اظهار انهن حيدرآباد حسرت موهاني هوم اسٽيٽ هال ۾ حق پرست اميدوارن جي بنا مقابلي ڪاميابي تي عوام کي جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباڊ پيش ڪرڻ جي لاءِ منعقد ڪيل پروگرام ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر شبير احمد قائمخاني، اسلم آفريدي، ارشد حسن، ايس ٽي سي انچارج عمر قريشي، حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي ۽ ٻيا به موجود هئا. شاهد پاشا چيو ته ايم ڪيو ايم سڄي سنڌ ۾ مڪاني اليڪشن ۾ حصو وٺي رهي آهي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين شهرن کان به ايم ڪيو ايم جي نمائندن جو بنا مقابلي جي ڪامياب ٿيڻ عوام جي طرفان جناب الطاف حسين تي ڀرپور اعتماد جو هڪ واضع ثبوت آهي ۽ حيدرآباد اڄ به جناب الطاف حسين جو مضبوط ڳڙھ آهي. حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جا 22 چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين بنا مقابلي چونڊجي ويا آهن. جڏهن ته 384 جنرل ڪائونسلرن مان 198 جنرل ڪائونسلر به بنا مقابلي چونڊجي ويا آهن. جنهن تي اسان الله سائين جو شڪر ادا ڪريون ٿا.  انهن چيو ته مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي سمورن مخالفن جي لاءِ  اهو پيغام آهي ته حيدرآباد جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارن جو شهر آهي ۽ ڪائي به سازش يا ڏاڍ حيدرآباد وارن کي جناب الطاف حسين کان جدا ڪري نه ٿو سگهي. انهن چيو ته اسان حق پرست مڪاني اميدوارن جي بنا مقابلي ڪاميابي تي جناب الطاف حسين جي طرفان حيدرآباد جي عوام، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن، امڙين، ڀينرن ۽ بزرگن سميت پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ۽ انشاء الله تعالٰي اليڪشن جي ڏينهن حيدرآباد جا عوام ايم ڪيو ايم جي اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائي سمورن مخالفن جون ضمانتون ضبط ڪرائي ڇڏيندا. 




7/17/2024 1:35:36 PM