Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

محرم الحرام ۾ فرقي وارانه هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عبدالقادر خانزاده ۽ عارف خان ايڊووڪيٽ نالي وارن عالمن سڳورن احمد حسين مسعودي ۽ يحيٰي عطاري سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون. ايم ڪيو ايم

 Posted on: 10/20/2015
محرم الحرام ۾ فرقي وارانه هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عبدالقادر خانزاده ۽ عارف خان ايڊووڪيٽ نالي وارن عالمن سڳورن احمد حسين مسعودي ۽  يحيٰي عطاري سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون. ايم ڪيو ايم
ڪراچي: 20 آڪٽوبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي محرم شريف جي دوران مذهبي رواداري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي کي برقرار رکڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عبدالقادر خانزاده ۽ عارف خان معروف عالمن سڳورن احمد حسين مسعودي ۽ يحيٰي عطاري سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون. رابطا ڪميٽي عالمن سڳورن کي جناب الطاف حسين جو پيغام پهچايو ۽ انهن کي اپيل ڪئي ته اهي شهر ۾ مذهبي رواداري جي فروغ  ۽ فرقي وارانه هم آهنگي کي برقرار  رکڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم علماء ڪميٽي جو انچارج جاويد احمد ۽ ٻيا به موجود هئا. ملاقات ۾ عالمن سڳورن رابطا ڪميٽي سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته سازشي ٽولو شهر ۾ فرقي وارانه فسادن جي باھ ڀڙڪائڻ جي لاءِ معصوم ۽ بي گناھ ماڻهن جو ناحق رت وهائيندو رهيو آهي ۽ اهڙن نازڪ حالتن ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي فرقي وارانه هم آهنگي جي لاءِ جيڪي ڪاوشون رهيون آهن اهي قابل قدر آهن. ملاقات ۾ عالمن سڳورن فرقي وارانه هم آهنگي کي برقرار رکڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي ڪاوشن کي ساراهيو ۽ پنهنجي طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري به ڪرائي. ان موقعي تي انهن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت و تندرستي جي لاءِ خصوصي دعائون به ڪيون . 

7/17/2024 1:30:14 PM